سچ جو گمان ۽ عقل جو انڌو نقطو: اسين ٻين کي متعصب ڇو سمجهندا آهيون؟
ڪنهن جديد آفيس ۾ ويٺل هڪ گرافڪ ڊيزائنر هجي يا ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ گڏجي پروجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ شاگرد، اسان سڀني سان زندگيءَ ۾ هڪ عجيب معاملو پيش ايندو آهي. اسان پنهنجي ذهن ۾ هڪ خيال تخليق ڪندا آهيون، هڪ دليل گهڙيندا آهيون ۽ پوءِ ان تي اهڙو ته يقين ڪري ويهندا آهيون جو اسان کي لڳندو آهي ته ”بس، سچ رڳو اهو ئي آهي جيڪو اسان کي نظر اچي رهيو آهي.“ جڏهن ڪو ساٿي يا دوست اسان جي ان راءِ سان اختلاف ڪندو آهي، ته اسان جو پهريون ردِعمل ايمانداريءَ سان حيران ٿيڻ هوندو آهي. اسان سوچيندا آهيون ته، ”هيءُ شخص حقيقت کي ائين ڇو نٿو پسي سگهي، جيئن اها سامهون پڌري پئي آهي؟“ اسان کي پڪ هوندي آهي ته اسان جي نظر صاف ۽ غيرجانبدار آهي، تنهنڪري اختلاف ڪندڙ يا ته بيوقوف آهي، يا کيس پوري ڄاڻ ناهي، يا وري هو ڄاڻي واڻي ڪنهن بدنيتيءَ سبب سچ کان منهن موڙي رهيو آهي. اسان جي سماج ۾ اهڙن تڪرارن کي اڪثر ”انا جو مسئلو“ چيو ويندو آهي، پر نفسياتي طور هي معاملو انا کان به وڌيڪ گهرو آهي. اها عقل جي هڪ اهڙي اڻڏٺي لڪير آهي جنهن کي ڪيرول تيوورس ۽ ايليٽ ايرنسن پنهنجي کوجنا ۾ ”فطري حقيقت پسنديءَ جو گمان“ (Naive Realism) سڏيو آهي.
نائيو ريئلزم
نفسياتي ماهرن موجب، ”نائيو ريئلزم“ اصل ۾ انسان جو اهو پختو ۽ اٽل ويساهه آهي ته هو دنيا جي شين ۽ واقعن کي بلڪل ائين ئي ڏسي رهيو آهي، جهڙيون اهي حقيقت ۾ آهن. اسان کي لڳندو آهي ته اسان جو عقل هڪ شفاف شيشي وانگر آهي، جنهن مان سچائي پنهنجي اصل رنگن ۾ نظر اچي ٿي. ان ڪري، جيڪو به انسان اسان کان مختلف راءِ رکي ٿو، اسان کيس منطقي طور تي متعصب يا ضدي قرار ڏئي ڇڏيندا آهيون. هن نفسياتي الجهن کي سمجهڻ لاءِ ”درياءَ جي ملاح“ جو مثال وٺو. جيڪڏهن هڪ ملاح اهڙو چشمو پائي درياءَ کي پار ڪري رهيو آهي جنهن جا شيشا نيرا آهن، ته کيس لڳندو ته پاڻي نيرو آهي. هو ٻئي ڪناري تي بيٺل ان شخص جي ڳالهه تي ڪڏهن به ويساهه نه ڪندو، جيڪو چوي ته پاڻي ته ميرو آهي. ملاح کي پنهنجي اکين تي اعتبار هوندو، پر هو اهو وساري ويهندو ته سندس نظر چشمي جي رنگ جي قيدي آهي. اها ”اکين جي لٽ“ ئي اسان جي عقل جو اهو انڌو نقطو آهي، جتي اسان کي پنهنجو تعصب نظر ئي نه ايندو آهي.
هي معاملو رڳو خيالن تائين محدود ناهي، پر اسان جي دماغ جي ساخت (Biology) سان به جڙيل آهي. جڏهن اسان جي سامهون اهڙي معلومات اچي ٿي جيڪا اسان جي پسند ۽ يقين جي خلاف هجي، ته اسان جي دماغ جا اهي حصا جيڪي منطق ۽ دليل (Reasoning areas) سان واسطو رکن ٿا، اهي ڄڻ ته ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا. ان جي برعڪس، جڏهن اسان کي پنهنجي راءِ جي تائيد ۾ ڪو دليل ملي ٿو، ته اسان جي دماغ جا جذباتي حصا (Emotion circuits) هڪدم سرگرم ٿي وڃن ٿا ۽ اسان کي هڪ قسم جو نفسياتي سڪون ملي ٿو. اسان جو ذهن اصل ۾ هڪ اهڙي ”آئينن جي گهر“ وانگر بڻجي ويندو آهي، جتي اسان کي هر طرف رڳو پنهنجي ئي سوچ جا عڪس سچ لڳندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اسين پنهنجي فيصلن ۽ اڳواڻيءَ ۾ اهڙيون غير-ارادي غلطيون ڪري ويهندا آهيون جو اسان جي نظر رڳو انهن دليلن تي پوندي آهي جيڪي اسان کي صحيح ثابت ڪن، جڏهن ته سچائيءَ جي ٻين پاسن کي اسين مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهيون.
اڄوڪي دور ۾، جتي سوشل ميڊيا تي هر ماڻهو پنهنجي راءِ کي ”آخري سچ“ سمجهي پيش ڪري ٿو، اتي هي انڌو نقطو وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ويو آهي. مثال طور، جڏهن اسين ڪنهن سياسي يا سماجي مامري تي بحث ڪندا آهيون، ته اسان جي غيرجانبداري اڪثر ڪري هڪ دوکو هوندي آهي. اسين سمجهندا آهيون ته اسان جو نقطه نظر بلڪل ائين پڌرو آهي جهڙو ڄامشوري جو پل، پر اسين اهو ناهيون پروڙيندا ته اسان ان پل کي پنهنجي تعصب جي رنگين چشمي مان ڏسي رهيا آهيون. اها بي خيالي اسان جي لاڳاپن ۾ وڇوٽيون پيدا ڪري ٿي. گهرن ۾ ڀائرن جي وچ ۾ ملڪيت جي ورڇ هجي يا ڪنهن اداري ۾ عهدن جي جنگ، جڏهن هر ڪو پاڻ کي ”سو سيڪڙو صحيح“ سمجهڻ جي ضد تي اڙجي وڃي ٿو، تڏهن اتي عقل جو دروازو بند ٿي وڃي ٿو. اسين اهو وساري ويهندا آهيون ته سامهون وارو به هڪ ذهن رکي ٿو ۽ هن وٽ به پنهنجي جاءِ تي ڪي دليل ٿي سگهن ٿا. جڏهن اسان جي ايمانداري رڳو اسان جي پنهنجي ذهن جي تخليق هوندي آهي، تڏهن اسين بي خبريءَ ۾ اهڙي رستي تي هلڻ لڳندا آهيون جتي غلط فيصلا اسان جو مقدر بڻجي ويندا آهن.
هتي ”سينٽ اينڊريوز ڏانهن ويندڙ رستي“ (Road to St. Andrews) جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، جيڪو ڪتاب، Mistakes Were Made (but Not by Me)، ۾ اخلاقي زوال جي هڪ وڏي استعاري طور استعمال ڪيو ويو آهي. اها اصل ۾ اها صورتحال آهي جتي انسان رفتہ رفتہ پنهنجي اصولن سان سمجهوتو ڪندو آهي، جيئن ڪو سياستدان پهريون ڀيرو هڪ ننڍڙو تحفو قبول ڪري ۽ پوءِ آهستي آهستي وڏي ڪرپشن جي پاتال ۾ هليو وڃي . اسان کي لڳندو آهي ته اسين ڪڏهن به غلط واٽ اختيار نه ڪنداسين، پر اسان جو انڌو نقطو اسان کي اهو محسوس ئي ٿيڻ نه ڏيندو آهي ته ڪيئن اسين پنهنجي هر غلط قدم جو هڪ سهڻو جواز گهڙي اڳتي وڌي رهيا آهيون. اها تباهي تڏهن شروع ٿيندي آهي، جڏهن اسان جو غرور اسان کي حقيقت ڏسڻ کان روڪي ٿو ۽ اسان کي لڳندو آهي ته اسين هر قسم جي تعصب کان مٿانهان آهيون.
سچا تنقيد نگار
هن نفسياتي قيد مان نڪرڻ جي واٽ ڪهڙي آهي؟ ڇا اسين هميشه پنهنجي انڌي نقطي جا غلام رهنداسين؟ ان جو حل اسان جي پنهنجي اختيار ۾ آهي، پر اهو انتهائي عاجزيءَ جو گهر آهي. اسان کي گهرجي ته اسين پنهنجي ويجهو اهڙن ماڻهن جو هڪ دائرو ٺاهيون، جيڪي رڳو اسان جي ها ۾ ها ملائيندڙ نه هجن، پر اهي هجن جيڪي اسان کي اسان جون غلطيون ٻڌائڻ جي بهادري رکن. سياڻن جو چوڻ آهي ته حقيقي دانشوري اها آهي ته اسين پنهنجي چوڌاري اهڙا ”سچا تنقيد نگار“ (Trusted naysayers) رکو، جيڪي اسان جي پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ واري غباري کي سچائيءَ جي سُوئيءَ سان ڦاڙي سگهن. جيڪڏهن اسين رڳو اهڙن ماڻهن جي محفل ۾ ويهنداسين جيڪي اسان جي هر ڳالهه تي ”واهه واهه“ ڪن ٿا، ته اسان جو انڌو نقطو اڃا به وڌيڪ گهرو ٿيندو ويندو. اسان کي گهرجي ته اسين مخالفن جي دليلن کي رڳو رد ڪرڻ لاءِ نه، پر پروڙڻ لاءِ ٻڌون. جڏهن اسين ڪنهن سان اختلاف ڪريون، ته پهرين پاڻ کان پڇون ته ”جيڪڏهن مان هن جي جاءِ تي هجان ها، ته ڇا مونکي به معاملو ائين ئي نظر اچي ها؟“ اها سوچ اسان جي ان تعصب جي شيشي تان لٽ لاهي سگهي ٿي.
نتيجي طور، اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته عقل جو ڪمال رڳو ڄاڻ حاصل ڪرڻ ناهي، پر ان ڳالهه جي پروڙ رکڻ آهي ته اسان جو عقل ڪٿي ٿاڦا کائي سگهي ٿو. جيڪو انسان اها مڃڻ جي سگهه رکي ٿو ته هو به غلط ٿي سگهي ٿو ۽ سندس نظر به تعصب کان پاڪ ناهي، اهو ئي حقيقي معنيٰ ۾ سڄاڻ آهي. اسان جي اڄوڪي سنڌ جي نوجوانن کي ان سوچ جي اشد ضرورت آهي، ته جيئن اهي نفرت، ڇڪتاڻ ۽ غير-ضروري تعصب واري ماحول مان نڪري سگهن. اسان کي اها حقيقت قبول ڪرڻي پوندي ته سچ ڪنهن هڪ ماڻهوءَ يا هڪ گروهه جي جاگير ناهي، پر ان جا ڪيترائي پاسا آهن جيڪي اسان جي نظر کان پري ٿي سگهن ٿا. پنهنجي ذهني آئيني کي روزانو صاف ڪرڻ گهرجي، نه ته مٿس چڙهيل گمان جي مٽي اسان کي سچائيءَ جي روشنيءَ کان هميشه لاءِ محروم ڪري ڇڏيندي. ياد رکو، سڀ کان وڏو انڌو اهو آهي جيڪو پنهنجي اکين جي لٽ کي نٿو ڏسي سگهي. جڏهن اسين پنهنجي غلطي مڃڻ جي عاجزي پيدا ڪنداسين، تڏهن ئي اسين حقيقي شعور ۽ امن جي واٽ تي قدم رکي سگهنداسين. اها هڪ خاموش پر انتهائي طاقتور نفسياتي تبديلي آهي، جيڪا اسان کي هڪ بهتر انسان ۽ هڪ سڄاڻ سماج بڻائي سگهي ٿي.


