Kachahree - ڪچهري

Kachahree - ڪچهري

عالمي فڪر ۽ ڪتاب

غيرت جو قتل: ڪنهن هڪ خاني ۾ بند نه ٿيندڙ خوني سچائي

مون اڳ به هن موضوع تي لکيو آهي، پر رابرٽ سيپولسڪي جي ڪتاب ”بيهيوو“ غيرت جي نالي تي قتل کي سمجهڻ ۽ ان جو نئون حل ڳولڻ لاءِ هڪ گهرائي ڏني آهي.

Mir Atta Muhammad Talpur's avatar
Mir Atta Muhammad Talpur
Jul 08, 2026
∙ Paid
ڪارو ڪاريءَ جي خوني سچائي ڪنهن هڪ خاني ۾ بند ناهي. هي صدين پراڻي جهالت، غربت، ۽ قبيلي سوچ جو هڪ پيچيده ڄار آهي جنهن کي ٽوڙڻو آهي.

سندس ڳوٺ جي هڪ ننڍڙي گلي ۾ گوليءَ جو آواز گونجيو ۽ لمحن ۾ هڪ نوجوان زندگي تڙپي ٿڌي ٿي وئي. اها اسان جي سماج جي هڪ اهڙي دردناڪ حقيقت آهي، جنهن کي اسين ’ڪارو ڪاري‘ يا غيرت جي نالي تي قتل چئون ٿا. هن خوني واقعي کانپوءِ عام طور تي اسان وٽ هڪ بحث ڇڙي پوندو آهي؛ ڪي چون ٿا ته اها رڳو جهالت آهي، ڪي جاگيرداري نظام کي ان جو ذميوار قرار ڏين ٿا، ته ڪي وري هن کي خالص مذهبي يا ثقافتي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. مان پاڻ به ماضيءَ ۾ هن موضوع تي لکي چڪو آهيان، پر تازو مشهور سائنسدان ۽ مفڪر رابرٽ ايم سيپولسڪي جو ڪتاب ”Behave: The Biology of Humans at Our Best and Worst“ پڙهڻ کان پوءِ، منهنجي هن مسئلي کي ڏسڻ جي نظر ئي بدلجي وئي آهي. هيءُ پرک ان نئين سمجهڻي ۽ شعور جو نتيجو آهي، جيڪو اسان کي هن ناسور جو هڪ متبادل ۽ بهتر حل ڳولڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.

Share

خانيوار سوچ جي وڏي غلطي

User's avatar

Continue reading this post for free, courtesy of Mir Atta Muhammad Talpur.

Or purchase a paid subscription.
© 2026 Mir Atta Muhammad Talpur · Privacy ∙ Terms ∙ Collection notice
Start your SubstackGet the app
Substack is the home for great culture