Kachahree - ڪچهري

Kachahree - ڪچهري

ريگستاني آسمان جي اڃ: سائنس هوا مان پاڻي نچوڙڻ سکي ورتو

ڊيٿ ويلي جي سڙندڙ هوائن کان ٿر جي ڀٽن تائين—نينو-ٽيڪنالاجيءَ جو هڪ اهڙو خاموش جادو، جيڪو خشڪ ترين موسمن ۾ به زندگيءَ جو سرچشمو بڻجي رهيو آهي.

Mir Atta Muhammad Talpur's avatar
Mir Atta Muhammad Talpur
May 09, 2026
∙ Paid
ھوا مان پاڻي ٺاھڻ جو ھارويسٽر

اها انساني فطرت جي عجيب ستم ظريفي آهي ته جڏهن اسان جي زمين هيٺان پاڻيءَ جا ذخيرا سڪڻ لڳا، ته اسان خالي ۽ سڙندڙ ريگستاني آسمان ڏانهن نهاري ان کان اڃ اجهائڻ جي گهر ڪرڻ لڳاسين؛ هڪ اهڙو خيال جيڪو ڪالهه تائين چريائپ لڳندو هو، پر اڄ ميٽل-آرگينڪ فريم ورڪس (Metal-Organic Frameworks يا MOFs) نالي ماليڪيولر اسپنجز ذريعي هڪ نوبل انعام يافته حقيقت بڻجي چڪو آهي.

ھاڻ ٿورو 14 سال پوئتي هلون ٿا. مون ان وقت ملائيشيا ۾ پنهنجي ڪاروبار جي سلسلي ۾ چين جو ٺھيل ڪجهه ”Air Water Generators“ (هوا مان پاڻي ٺاهيندڙ مشينون) متعارف ڪرايون هيون. اهي ڪولنگ-ڪنڊينسيشن جي اصول تي هلنديون هيون—بلڪل ائين جيئن سخت گرميءَ ۾ ٿڌي ڪولڊ ڊرنڪ جي ٽين جي ٻاهران پاڻيءَ جا ڦڙا ڄمي ويندا آهن. پر اسان جي خواهشن وانگر، انهن مشينن جي بجليءَ جي بک به بي پناهه هئي. جيڪڏهن هوا ۾ گهم جو مقدار گهٽ هوندو هو ته اهي وڏا ڪمپريسر ۽ پکا رڳو گوڙ ڪندا هئا، بل وڌائيندا هئا، ۽ پاڻيءَ جو هڪ ڍڪ به مس ملندو هو. اها ٽيڪنالاجي شايد امير طبقي لاءِ ٺيڪ هئي، پر ٿر جي اڃايل چپن لاءِ ڪو مسيحا هرگز نه پئي ٿي سگھي، جنهن سبب مون انهن جو وڪرو بند ڪري ڇڏيو.

پر هاڻي، سائنس پنهنجي پراڻين غلطين مان سبق سکي ورتو آهي. وڏين مشينن جي زور تي هوا کي برف ڪرڻ بدران، ماهرن نينو-ٽيڪنالاجيءَ جو رخ ڪيو آهي. هي نوان MOFs ڪي وڏا جنريٽر ناهن، پر اربين ننڍڙن سوراخن وارا ”ماليڪيولر اسپنج“ آهن جن جي بناوت ڪنهن کليل ڄار جهڙي هوندي آهي. هي مادو هڪ مقناطيس وانگر ڪم ڪري ٿو، جيڪو هوا مان صرف پاڻيءَ جي ماليڪيولن کي ڳولي ڇڪي وٺي ٿو.

Share

User's avatar

Continue reading this post for free, courtesy of Mir Atta Muhammad Talpur.

Or purchase a paid subscription.
© 2026 Mir Atta Muhammad Talpur · Privacy ∙ Terms ∙ Collection notice
Start your SubstackGet the app
Substack is the home for great culture