آسٽريليا جو ڪارونجهر: اولورو
ڌرتيءَ جي سپوتن جي عقيدت جو مان: جڏهن رياست اولورو کي قانوني حصار ۾ ڏئي هميشه لاءِ محفوظ بڻايو
انساني روح ۽ ڌرتيءَ جي جاگرافيءَ جي وچ ۾ هڪ اهڙو لڪيل رشتو هوندو آهي، جيڪو ٻولين ۽ سرحدن جي قيد کان آزاد هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اسان پنهنجي وطن کان هزارين ميل پري ڪنهن اڻڄاتل رڻپٽ جي بي انت وسعتن ۾ بيٺل جبل کي ڏسي ائين محسوس ڪندا آهيون، ڄڻ پنهنجي ئي وجود جي ڪنهن وسريل حصي سان ملاقات ٿي وئي هجي. اها اڻڏٺي مائٽي تڏهن وڌيڪ گهري ٿي ويندي آهي، جڏهن اسان جي اکين آڏو هڪ وشال ڳاڙهو جبل اڀري ٿو، جنهن جي قديم پٿرن ۾ وقت جي هٿن جا نشان اڪريل آهن. اسان جي من ۾ گهڙي کن لاءِ اهو گمان جاڳي ٿو ته شايد هي اسان جي پنهنجي ٿر جو ڪارونجهر آهي، پر حقيقت ۾ اهو نو هزار ڪلوميٽر پري آسٽريليا جي ريڊ سينٽر (Red Centre) ۾ بيٺل ’اولورو‘ (Uluru) آهي.
اولورو محض هڪ جبل ناهي، پر ڌرتيءَ جي سيني تي اڪريل هڪ اهڙو ازلي سچ آهي، جيڪو گذريل ساڍا چار سو ملين سالن کان پنهنجي پوري وقار سان خاموش بيٺو آهي. اٽڪل ٽي سئو اٺيتاليهه ميٽر بلند هي جبل ائين آهي، ڄڻ ته ڪو ’برفاني تودو‘ (Iceberg) هجي، جنهن جو وڏو حصو زمين جي اٿاهه گهراين ۾ دفن ٿيل آهي. هيءَ اها ڳاڙهي سيمينٽيل واريءَ مان جڙيل لڱ آهي، جيڪا ڏينهن جي مختلف پهرن ۾ آسمان جي رنگن سان گڏ پنهنجو ويس مٽائيندي رهي ٿي. سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ وقت هي پٿر جنهن گهري لاليءَ سان ٻرندو آهي، اهو منظر ائين لڳندو آهي ڄڻ جبل پنهنجي اندر جي باهه کي پٿر جي صورت ۾ ظاهر ڪري ڇڏيو هجي.
هن جبل جي گهيري ۽ ور وڪڙن ۾ فطرت پنهنجي تخليق جا اهڙا انوکا نقش ڇڏيا آهن، جيڪي ڏسندڙ کي حيرت جي هڪ نئين جهان ۾ وٺي وڃن ٿا. ڪٿي پٿر جو هڪ وڏو ٽڪرو سڄي جبل تان ترڪي هيٺ اچي ائين رڪجي ويو آهي، جنهن کي اتان جا ماڻهو پيار مان ’ڪينگرو جي پڇ‘ سڏين ٿا. ڪٿي وري وايو منڊل جي اثرن پٿرن جي مٿاڇري تي انساني دماغ جهڙيون پيچيده لڪيرون کڻي تراشيون آهن. اهي سڀ نشان اسان کي ٻڌائين ٿا ته وقت ڪيترو به سست رفتار ڇو نه هجي، پر اهو وڏن وڏن جبلن جي انا کي به پنهنجي مرضيءَ مطابق پگهاري ۽ بدلائي سگهي ٿو.
اولورو جي اصل روحاني طاقت ان سان جڙيل ’انانگو‘ (Anangu) قبيلي جي عقيدت ۾ لڪيل آهي. انهن ماڻهن لاءِ هي جبل ڪو سياحتي ماڳ ناهي، پر سندن تهذيب جو اهو مقدس ورق آهي، جنهن تي ’ٽيجرپا‘ (Tjukurpa) يعني ڪائنات جي تخليق جا گيت لکيل آهن. جبل جي ڦيري (گھيري) ۾ موجود قديم غارن ۾ اهڙي چٽسالي ملي ٿي، جيڪا صدين کان انساني وجود ۽ فطرت جي وچ ۾ ٿيندڙ مڪالمي جي شاهدي ڏئي ٿي. اتي موجود ’موٽيجولو‘ (Mutitjulu) جهڙا قديم چشما صحرا جي سخت گرميءَ ۾ زندگيءَ جو نغمو بڻجي وهن ٿا، بلڪل ائين جيئن ننگرپارڪر جي جبلن مان برساتن کانپوءِ وهندڙ مست نديون پنهنجي وارياسي پٽ کي سرسبز ڪري ڇڏينديون آهن. اولورو جو احترام ڪارونجهر جي ان تقدس سان ملي ٿو، جيڪو جين ڌرم، هندو عقيدي ۽ شاهه لطيف جي وائين ۾ ڪنهن معتبر پناهگاهه وانگر موجود آهي.
پر هتي اچي هڪ انتهائي دردناڪ فرق اسان جي روح کي وڪوڙي وٺي ٿو. اولورو جي ماڻهن پنهنجي جبل جي عصمت کي قانوني تحفظ ڏئي ورتو آهي. اڄ دنيا جو ڪو به سياح ان جبل تي پير نٿو رکي سگهي، ڇاڪاڻ ته اتان جي رياست پنهنجي قديم وارثن جي عقيدت جو مان رکيو آهي. اولورو اڄ هڪ محفوظ آستانو آهي، جتي فطرت ۽ انسان هڪ ٻئي جي احترام ۾ خاموش بيٺا آهن.
پر جڏهن اسان پنهنجي ڪارونجهر ڏانهن ڏسون ٿا، ته اتي ڪجهه ٻيو ئي منظر آهي. ڪارونجهر جو گرينائيٽ سون وانگر قيمتي آهي، پر شايد اهو ئي ان جو سڀ کان وڏو ڏوهه بڻجي ويو آهي. هوس جي ماريل مافيائن جي نظر ان جبل جي وجود تي پيل آهي، جيڪي ان جي قديم حسن کي پٿرن جي ڍير ۾ تبديل ڪرڻ گهرن ٿا. جيتوڻيڪ عدالتن جي فيصلن ڪجهه دير لاءِ انهن جي لالچ کي روڪيو آهي، پر خدشو اڃا ختم ناهي ٿيو. اهي مافيا اڃا به پويان لڪيل آهن، ڪنهن چور دروازي جي ڳولا ۾ ته جيئن اسان جي تاريخ ۽ سڃاڻپ جي هن عظيم جبل کي پنهنجي انا جي ور چاڙهي سگهن.
خوش نصيب آهن اولورو جا ماڻهو، جن جو ’ڪارونجهر‘ اڄ محفوظ آهي. اسان جي جبل جو مستقبل اڃا تائين بي يقينيءَ جي ڪوهيڙي ۾ لڪيل آهي. دعا آهي ته فطرت جا اهي قديم شاهڪار هميشه سلامت رهن ۽ اسان جو ڪارونجهر به هڪ ڏينهن انهن لالچي هٿن کان ائين ئي آزاد ٿئي، جيئن اولورو پنهنجي تقدس سان اڄ سڄي دنيا کي حيران ڪري رهيو آهي. مالڪ اسان جي ڪارونجهر کي انهن مافيائن جي شر کان محفوظ رکي.
مير عطا محمد ٽالپور
ملاڪا، ملائيشيا


