اسين روزانو پنهنجي سرحدن، پاسپورٽن ۽ مقامي سياست تي بحث ڪندا آهيون. اسان کي هميشه اهو ڊپ هوندو آهي ته متان ڪي ڌاريا ماڻهو اچي اسان جو روزگار نه کسين يا اسان جي ثقافت نه بدلائين. پر حقيقت ۾، سياسي ۽ سماجي بقا لاءِ سڀ کان وڏو خطرو ھاڻ انهن انساني مهاجرن کان ناهي. اصل خطرو آمريڪا ۽ چين جي ڪمپيوٽرن مان نڪرندڙ انهن ”اي آءِ مهاجرن“ (AI Immigrants) مان آهي، جيڪي روشنيءَ جي رفتار سان، بنا ڪنهن ويزا جي، پوري دنيا جي نظامن تي قابض ٿي رهيا آهن. هٿرادو ذھانت جا اهي اڻڏٺا مهاجر دنيا کي هڪ نئين سامراجي دور ڏانهن ڌڪي رهيا آهن، جنهن جا سمورا اختيار رڳو واشنگٽن ۽ بيجنگ وٽ هوندا.
هٿرادو ذھانت جو نئون سامراج ۽ اسان جو مستقبل
چين ۽ آمريڪا دنيا جا نوان ڊجيٽل سامراج بڻجي رهيا آهن. مقامي سياسي ڇڪتاڻ جلد ئي هن عالمي اي آءِ قبضي جي ڀيٽ ۾ بلڪل بي معنى ٿي ويندي.



