آسمان جو بائيڪاٽ ۽ سڪندڙ ڌرتي
ايل نينو، پاڻيءَ جو بحران ۽ انساني هٺ ڌرميءَ خلاف فطرت جو خاموش پيغام.
انسان جي تاريخ هڪ عجيب خوشفهميءَ جو لاڳيتو سفر رهي آهي. اسان زمين جي سيني تي ڪنڪريٽ ۽ اسٽيل جا جهنگ اُساري، درياهن کي بند ٻڌي، ۽ پنهنجي هٿن ۾ جادوئي اسڪرينون جهلي اهو سمجهي ويٺا آهيون ته اسان فطرت کي پنهنجو غلام بڻائي ڇڏيو آهي. پر هيءَ ڌرتي اسان جي خواهشن جي محتاج ناهي. انساني نفسيات جو غور سان مطالعو ڪجي ته اهو احساس ٿئي ٿو ته انسان ڌرتيءَ جو مالڪ ناهي، پر رڳو هڪ مسافر آهي، جنهن جو جياپو انهن هوائن جي مرضيءَ تي آهي، جيڪي هزارين ميل پري سمنڊ جي لهرن مان جنم وٺن ٿيون.
هن سال جڏهن موسمياتي ماهرن پنهنجي انگن اکرن ۾ اهو پڌرو ڪيو ته 2026ع جو مون سون پنهنجي معمول کان گهٽ، يعني لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو رهندو، ته ڪيترن ئي ماڻهن ان انگ کي معمولي سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏيو. عام ذهن اهو ئي سوچيندو آهي ته جيڪڏهن سؤ جي بدران نوي رپيا ملن ته ڪهڙو قهر ٿي ويندو؟ پر موسم ۽ فطرت ڪو بينڪ جو کاتو ناهن، جتي توهان پنهنجي مرضيءَ سان پئسا جمع ڪري جڏهن چاهيو ڪڍرائي سگهو. هتي ڳالهه برسات جي مجموعي مقدار جي ناهي، پر ان جي ”وقتي ۽ مڪاني ورهاست“ (Temporal and Spatial Distribution) جي آهي. فرض ڪريو، هڪ هاريءَ کي پوري سال جي خوراڪ هڪ ئي ڏينهن ۾ زبردستيءَ کارائي وڃي ۽ باقي ٽي سؤ چوهٺ ڏينهن کيس بکيو رکيو وڃي، ته ڇا اهو جيئرو رهي سگهندو؟ بلڪل ائين ئي، جيڪڏهن آگسٽ جي ڪنهن هڪ هفتي ۾ ڪڪر ڦاٽي پون، شهر ٻڏي وڃن، ۽ باقي جون کان سيپٽمبر تائين آسمان مان باهه وسندي رهي، ته اهو 90 سيڪڙو مينهن ڪنهن رحمت جي بجاءِ عذاب بڻجي ويندو آهي. برسات جو اصل حسن ان جي تسلسل ۽ مٽيءَ جي گهرج مطابق نرميءَ سان وسڻ ۾ آهي، نه ڪي اوچتي طوفان ۾.
پاڪستان، ۽ خاص طور تي سنڌ جي صورتحال تي غور ڪجي ٿو ته انساني بيوقوفين جو هڪ انوکو داستان سامهون اچي ٿو. اسان جو سمورو زرعي نظام سنڌو درياهه ۽ ان جي واهن تي بيٺل آهي. هماليا، قراقرم ۽ هندوڪش جي برفاني چوٽين تي سياري ۾ پويندڙ برف اسان جي درياهن جو ساهه آهي. پر سمنڊ جي گرمي پد ۾ تبديليءَ وارن اثرن سبب جڏهن مٿانهين علائقن ۾ سياري جي برفباري ۽ مينهن رُسي وڃن ٿا، ته ان جو سڌو اثر دريائن تي اڏيل مصنوعي رڪاوٽن، يعني تربيلا ۽ منگلا جهڙن ڊيمن تي پوي ٿو. اهي ڊيم، جن جي ٺهڻ کي اسان هروڀرو انجنيئرنگ جو معجزو سمجهي فخر ڪندا آهيون، اڄڪلهه اونهاري جي شروعات ۾ ئي خالي پيالن وانگر آسمان ڏانهن ڏسي رهيا هوندا آهن. هڪ خالي ڊيم دراصل انساني ارتقا جي ان خالي پڻي جو ثبوت آهي، جيڪو سمجهي ٿو ته فطرت جا رستا روڪي هو پاڻي پيدا ڪري سگهي ٿو. حقيقت اها آهي ته ڊيم پاڻي ٺاهيندا ناهن، رڳو ذخيرو ڪندا آهن، ۽ جڏهن آسمان ئي بختو هجي ته زمين تي ٺهيل ڪنڪريٽ جون اهي ديوارون رڳو بيوسيءَ جا يادگار بڻجي وينديون آهن.
سنڌ جي وسيع ميدانن ۽ پنجاب جي زرخيز زمينن تي هن پاڻيءَ جي کوٽ جا جيڪي منظر اسان ڏسون ٿا، اهي اسان جي سماجي ۽ سياسي ترجيحن جو نتيجو آهن. خريف جي فصلن، خاص ڪري ڪپهه، ڪمند ۽ ساريال جو سڌو واسطو پاڻيءَ جي موجودگيءَ سان آهي. اها ڪيتري نه حيرت انگيز ڳالهه آهي ته هڪ طرف اسان وٽ پاڻيءَ جو شديد بحران آهي، درياهن ۾ واري اڏامي رهي آهي، ۽ ٻئي طرف اسان جا آبادگار انهن زمينن تي به ڪمند پوکي رهيا آهن، جن جي مٽي گهڻي دير تائين نمي برقرار نٿي رکي سگهي. جڏهن زمين ڀلاري ۽ چيڪي نه هجي، ته ڪمند جهڙو فصل پاڻيءَ جو سڀ کان وڏو دشمن بڻجي ويندو آهي. اهو انساني لالچ ۽ اڻڄاڻائيءَ جو هڪ اهڙو روپ آهي، جتي اسان اڄ جي ٿوري گهڻي منافعي لاءِ پنهنجي ايندڙ نسلن جو سمورو پاڻي نچوڙي رهيا آهيون. گذريل هڪ ڏهاڪي دوران سنڌ ۾ ڪپهه جي پوک اڳ ئي اڌ تي اچي چڪي آهي. آبپاشي جي نظام ۾ بي انتها ڌانڌليون، طاقتور ماڻهن پاران پنجاب توڙي سنڌ ۾ مٿانهين سطح تي پاڻيءَ جي چوري، هڪ اهڙي سماج جو عڪس پيش ڪن ٿيون، جيڪو تباهيءَ جي ڪناري تي بيٺو هجي پر اڃا تائين هڪ ٻئي جا کيسا ڪٽڻ ۾ مصروف هجي. جڏهن واهن ۾ پاڻي گهٽجي ويندو آهي، ته فصل سڙڻ سان گڏوگڏ انساني رشتا به سڪي ويندا آهن، ۽ اها پاڻيءَ جي کوٽ 2027ع تائين هڪ خوفناڪ شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي.
اسان جي معاشي نظام جي ڪهاڻي ته ان کان به وڌيڪ کل جوڳي ۽ ساڳي وقت روئارڻ جهڙي آهي. سرڪاري انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ملڪ جي مجموعي پيداوار (جي ڊي پي) جو تقريباً چوٿون حصو (يعني 24 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ) سڌي ريت زراعت تي بيٺل آهي ۽ اڌ آبادي ان سان جڙيل آهي. پر اسان جا پاليسي ساز ۽ اقتدار جي ايوانن ۾ ويٺل عقل جا اندها ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ ويهي جيڪي منصوبا جوڙيندا آهن، تن جو زميني حقيقتن سان ڪو به واسطو نٿو هجي. آبادگارن تي ٽيڪسن جو بار، ڀاڻ ۽ ٻجن جي قيمتن ۾ اڻکٽ اضافو، ۽ پيداواري لاڳت وڌڻ سبب هاڻي زمين پوکڻ هڪ نفعي بخش ڪم بدران هڪ خانداني مجبوري بڻجي وئي آهي.
حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته اسان جي رياست پنهنجي بقا لاءِ پنهنجي زمينن ۽ پنهنجي پاڻيءَ تي ڀروسو ڪرڻ بدران ٻن شين تي انحصار ڪري ٿي: هڪ، وچ اوڀر جي ريگستانن جهڙوڪ سعودي عرب ۽ دبئي مان پورهيتن پاران موڪليل ناڻو، ۽ ٻيو، بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جا قرض. ٿورو تصور ڪريو ان ستم ظريفيءَ جو! هڪ زرعي ملڪ، جنهن جي سيني تي دنيا جو سڀ کان وڏو آبپاشي نظام وڇايل آهي، ان جو جياپو انهن مزدورن جي پگهارن تي آهي جيڪي پرڏيهه جي ريگستانن ۾ اٺن وانگر ڪم ڪن ٿا. آءِ ايم ايف جي قرضن سان توهان پنهنجي بيلنس شيٽ تي انگ اکر ته سڌا ڪري سگهو ٿا، پر آءِ ايم ايف توهان جي زمينن تي مينهن نٿو وسائي سگهي. پئسي سان توهان ڪجهه وقت لاءِ عالمي مارڪيٽ مان ڪڻڪ ۽ کنڊ ته خريد ڪري سگهو ٿا، پر جڏهن عالمي سطح تي ئي خوراڪ جو بحران هوندو ۽ توهان جي آبادگار جي هٿن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڇالا پئجي چڪا هوندا، ته اهي پرڏيهي قرض به ڪنهن ڪم نه ايندا. نيشنل واٽر پاليسي ۽ ڪلائيميٽ چينج جهڙا ڪاغذ وزارتن جي المارين ۾ دز کائي رهيا آهن، پر زمين تي نه ڪو خشڪساليءَ کان بچاءَ جو اڳواٽ نظام موجود آهي، نه ئي برساتي پاڻيءَ کي محفوظ ڪرڻ جي ڪا سنجيده ڪوشش.
جڏهن انسان پنهنجي حال ۽ مستقبل جا سمورا فيصلا فطرت جي خلاف وڃي ڪندو آهي، ته فطرت کيس سزا ڏيڻ لاءِ ڪي وڏا لشڪر ناهي موڪليندي، پر اها رڳو پنهنجي بادلن جو رخ موڙي ڇڏيندي آهي ۽ زمين جي نمي کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيندي آهي. اهي خالي درياهه، اهي سڪل واهه، ۽ اهي آسمان ڏانهن نهاريندڙ خالي ڊيم اسان کي ياد ڏياري رهيا آهن ته انسان پنهنجي هٺ ڌرميءَ ۾ ڀلي ڪيڏو به پري هليو وڃي، هن جو اصل وجود تڏهن ئي سلامت رهندو جڏهن هن جي مٽي سائي رهندي. ۽ جڏهن مٽي سڪڻ لڳندي آهي، ته بينڪن جا کاتا، رياستن جا معاهدا، ۽ دنيا جون سموريون ٽيڪنالاجيون انسان کي ان بک ۽ اڃ کان نٿيون بچائي سگهن، جيڪا هن پنهنجي هٿن سان پنهنجي لاءِ تيار ڪئي آهي. سمنڊ جو بخار شايد ڪجهه وقت کانپوءِ سمنڊ پاڻ ئي ٿڌو ڪري ڇڏي، پر اسان پنهنجي سماجي، سياسي ۽ معاشي بي حسيءَ جي جنهن بخار ۾ مبتلا آهيون، ان جو علاج شايد فطرت جي ڪنهن تمام وڏي ۽ خوفناڪ ڌڪ سان ئي ممڪن ٿي سگهندو. مسخ ٿيل ترقيءَ جي هن دوڙ ۾، اڄ جو ماڻهو پنهنجي سمارٽ فون تي موسم جو حال ڏسي ٿڌو ساهه ته ڀري ٿو، پر پنهنجي پيرن هيٺان کسڪندڙ ان آخري آلي زمين کي بچائڻ لاءِ ڪجهه به نٿو ڪري سگهي.
مير عطا محمد ٽالپور
ملاڪا، ملائيشيا


