Kachahree - ڪچهري

Kachahree - ڪچهري

25 هزار ڊالرن جو معجزو: ’گريب‘ جو سفر

ملائيشيا جي ٻن نوجوانن پنهنجي ذاتي خوف کي ڪيئن اهڙي ڪاروبار ۾ تبديل ڪيو، جنهن اڄ لکين پورهيتن جو چلھو ٻاري رکيو آهي.

Mir Atta Muhammad Talpur's avatar
Mir Atta Muhammad Talpur
Nov 03, 2026

ڪنهن معمولي انعامي رقم سان ڪيڏو وڏو انساني ۽ معاشي انقلاب آڻي سگهجي ٿو، ان جو اندازو ڏکڻ اوڀر ايشيا جي روڊن تي هلندڙ لکين گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن کي ڏسي لڳائي سگهجي ٿو. اڄ ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور ۽ ٿائيلينڊ سميت اٺن ملڪن ۾ شايد ئي ڪو اهڙو هوٽل يا ريسٽورنٽ هجي، جنهن جو ڪاروبار ’گريب‘ (Grab) جي سهولت کانسواءِ هلي سگهي. مان جڏهن به ملاڪا مان نڪري ڪنهن ٻئي شهر يا سمنڊ پار انڊونيشيا جي سفر تي هوندو آهيان، ته ٽيڪسي گهرائڻ توڙي ماني آرڊر ڪرڻ لاءِ منهنجون آڱريون پاڻمرادو ’گريب‘ ايپ تي هلي وينديون آهن.

سنڌ ۾ رهندڙ گهڻا ماڻهو شايد هن نالي کان اڻواقف هجن، پر هيءَ رڳو هڪ ٽيڪنالاجي ڪمپني ناهي. هيءَ هڪ اهڙي معاشي لائف لائين آهي، جنهن ڊرائيورن، فوڊ ڊليوري وارن رائڊرن، ۽ ننڍن وڏن دڪاندارن سميت لکين ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو آهي. اڄ ڪروڙين ماڻهن جي روزي روٽي هن هڪڙي سسٽم سان جڙيل آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ايڏي وڏي سلطنت جو بنياد ڪنهن اربين ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ سان نه، پر هارورڊ يونيورسٽيءَ جي هڪ مقابلي مان کٽيل رڳو 25 هزار ڊالرن سان پيو هو. جڏهن اهي پئسا اينٿوني تان (Anthony Tan) ۽ تان هوئي لنگ (Tan Hooi Ling) جهڙن ديانتدار، ذهين ۽ اڻٿڪ محنت ڪندڙ نوجوانن جي هٿن ۾ آيا، ته هنن ان مان هڪ اهڙو معجزو تخليق ڪيو جنهن 180 ملين کان وڌيڪ ماڻهن جي روزمرهه جي زندگي بدلائي ڇڏي.

رات جي اونداهي ۽ خوف جو پاڇو

هن عظيم سفر جي شروعات ڪنهن ڪاروباري خيال مان نه، پر هڪ ذاتي خوف مان ٿي هئي. تان هوئي لنگ جو تعلق ڪوالالمپور جي هڪ عام ملائيشين چيني خاندان سان آهي. هن برادريءَ جي روايتي ڏاهپ، خاموش محنت ۽ پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻ جو جذبو سندس شخصيت ۾ ننڍپڻ کان ئي شامل هو. برطانيا جي باٿ يونيورسٽيءَ مان، جتي سمورو ڪلاس ڇوڪرن سان ڀريل هوندو هو، هن مڪينڪل انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ثابت ڪيو ته هوءَ ڏکين حالتن ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ڄاڻي ٿي.

تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هن دنيا جي مشهور ڪنسلٽنگ فرم ’مڪنزي‘ (McKinsey) ۾ ڪم شروع ڪيو. پنهنجي نوڪريءَ دوران، رات دير تائين ڪم ڪرڻ کانپوءِ جڏهن هوءَ گهر موٽڻ لاءِ اڪيلي سر ٽيڪسيءَ جو انتظار ڪندي هئي، ته سندس دل ۾ هڪ اڻ سونهون خوف هوندو هو. ڊرائيور ڪير آهي ۽ ڪهڙي رستي تان ويندو، اهو ڪنهن کي به معلوم نه هوندو هو. هوءَ جڏهن به ٽيڪسيءَ ۾ ويهندي هئي ته حفاظت خاطر گهر وارن کي گاڏيءَ جو نمبر ميسيج ڪندي هئي، ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي جي صورت ۾ سندس پتو پئجي سگهي.

25 هزار ڊالر ۽ هڪ نئين شروعات

2010ع ۾ هوءَ ايم بي اي (MBA) ڪرڻ لاءِ آمريڪا جي مشهور هارورڊ يونيورسٽي پهتي، جتي اتفاق سان سندس ملاقات پنهنجي ئي ملڪ جي هڪ نوجوان، اينٿوني تان، سان ٿي. هڪ ڪلاس اسائنمينٽ ۾ هنن بحث ڪيو ته رات جي وقت ملائيشيا ۾ ٽيڪسيءَ جو سفر محفوظ ڪيئن بڻائجي. اهو تان هوئي لنگ جو پنهنجو ذاتي خوف هو، جنهن کي هنن هڪ اهڙي ايپليڪيشن جي خاڪي ۾ تبديل ڪيو، جيڪا سفر کي مڪمل طور تي شفاف، ٽريڪ ٿيندڙ ۽ محفوظ بڻائي سگهي.

2011ع ۾ سندن هن خيال هارورڊ جي ڪاروباري مقابلي ۾ حصو ورتو ۽ ٻيو نمبر حاصل ڪيو. اتان کين 25 هزار ڊالر (اٽڪل هڪ لک ملائيشين رنگٽ) جي انعامي رقم ملي. جيڪي پئسا ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ شايد ذاتي عياشيءَ يا فضول خرچيءَ ۾ اڏامي وڃن ها، اهي هنن نوجوانن ملائيشيا واپس آڻي 2012ع ۾ ’ماءِ ٽيڪسي‘ (MyTeksi) جو بنياد رکڻ تي خرچ ڪيا. اهو ئي اهو ٻج هو، جنهن مان اڄ جو ’گريب‘ ڦٽي نڪتو.

Share

خاموش اڏاوت جا سال

جتي اينٿوني تان ڪمپنيءَ جو عوامي چهرو ۽ سي اي او بڻيو، اتي تان هوئي لنگ پنهنجي تجربي ۽ ذهانت جو ڀرپور استعمال ڪندي 2015ع ۾ سي او او (COO) جي حيثيت سان ڪمپنيءَ جو سمورو آپريشنل نظام پنهنجي هٿن ۾ کنيو. هن ميڊيا جي انٽرويوز، ريڊ ڪارپيٽ جي چمڪ دمڪ ۽ سوشل ميڊيا جي واهه واهه کان پري رهي، ڪمپنيءَ کي اندران مضبوط ڪرڻ تي ڌيان ڏنو.

هڪڙي ايپ کي اٺن ملڪن تائين ڦهلائڻ، ان ۾ خوراڪ، پئسن جي منتقلي ۽ انشورنس جهڙيون سهولتون شامل ڪرڻ، ۽ هر نئين شهر ۾ ڪاروبار جا بنياد وجهڻ ڪو سولو ڪم نه هو. پر سندس اڻٿڪ پورهئي جو ئي نتيجو هو جو هيءَ ڪمپني 2021ع ۾ 40 بلين ڊالرن جي ماليت سان ناسڊيڪ (NASDAQ) اسٽاڪ ايڪسچينج تي لسٽ ٿي، ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي پهرين ’يونيڪورن‘ ڪمپني بڻجي وئي.

Subscribe for free to continue reading

Enter your email and get every post from Kachahree - ڪچهري.
Already have an account? Sign in
© 2026 Mir Atta Muhammad Talpur · Privacy ∙ Terms ∙ Collection notice
Start your SubstackGet the app
Substack is the home for great culture