تماشبين سماج ۽ خاموش شراڪتداري: ليڪچر هال کان ٿاڻي تائين
ٻئي جي زيادتيءَ تي خاموش رهڻ ڪا حڪمت عملي ناهي؛ اها هڪ اهڙي بيهسي آهي جيڪا سڀاڻي اوهان سان ٿيندڙ ظلم جي رستن کي هموار ڪندي آهي.
ڪنهن يونيورسٽيءَ جي هڪ ڀريل ليڪچر هال ۾ استاد اچانڪ پڙهائڻ بند ڪري هڪ شاگرد ڏانهن اشارو ڪري ٿو: ”هو جيڪو ٻئي بينچ تي نيري جڪيٽ ۾ ويٺو آهي، تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ شاگرد حيران ٿي چوي ٿو، ”سر، منهنجو نالو ايلڪس آهي.“ استاد بغير ڪنهن سبب جي تيز لهجي ۾ چوي ٿو، ”ايلڪس، هليو وڃ منهنجي ڪلاس مان، مان توکي ٻيهر پنهنجي ڪنهن به ليڪچر ۾ ڏسڻ نٿو چاهيان.“ شاگرد پريشان ٿي پڇي ٿو، ”سر، پر مون ڪيو ڇا آهي؟ مان سمجهي نه سگهيس.“ استاد وڌيڪ سختيءَ سان چوي ٿو، ”مان ٻيهر نه چوندس، هينئر ئي ٻاهر نڪري وڃ!“ شاگرد پنهنجو ٿيلهو کڻي شرمندگي ۽ ناانصافيءَ جو هڪ گهرو احساس کڻي ڪلاس مان ٻاهر هليون وڃي ٿو.
ڪلاس ۾ مڪمل خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي. استاد پنهنجو رخ باقي شاگردن ڏانهن ڪري پڇي ٿو، ”اسان جي سماج ۾ قانون ڇو هوندا آهن؟ قانون جو مقصد ڇا آهي؟“ ڪو شاگرد چوي ٿو ”سماجي نظم وضبط لاءِ“، ڪو چوي ٿو ”انسان جي بنيادي حقن جي حفاظت لاءِ“، ته ڪو وري جواب ڏئي ٿو ”انصاف لاءِ“. استاد مسڪرائي چوي ٿو، ”توهان سڀني جو مهربانيون. هاڻي مونکي اهو ٻڌايو ته جيڪو ڪجهه هينئر مون توهان جي ڪلاس ميٽ سان ڪيو، ڇا اهو ناانصافي نه هئي؟“ سڄو ڪلاس گڏجي چوي ٿو، ”جي سر, اها سراسر ناانصافي هئي.“ استاد هڪ گهرو ساهه کڻي پڇي ٿو، ”ته پوءِ توهان مان ڪنهن به احتجاج ڇو نه ڪيو؟ ڪنهن مونکي روڪڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي؟ توهان سڀني ان ناانصافيءَ کي اڳيان وڌڻ کان ڇو نه روڪيو؟“
سڄي هال تي هڪ سڪتو طاري ٿي وڃي ٿو. استاد چوي ٿو، ”جيڪا ڳالهه اڄ توهان سکي آهي، اها مان توهان کي هڪ هزار ڪلاڪن جي ليڪچرن ۾ به سمجهائي نه سگهان ها جيستائين توهان ان کي پنهنجي اکين سان نه ڏسو ها. توهان سڀ ان ڪري خاموش رهيا ڇاڪاڻ ته ان ناانصافيءَ جو سڌوسنئون اثر توهان تي نه پيو پئي. توهان سمجهيو ته هي معاملو توهان جو ناهي، تنهنڪري ماٺ ئي ڀلي آهي. پر ياد رکجو، جيڪڏهن توهان سماج ۾ انصاف قائم ڪرڻ ۾ مدد نٿا ڪريو، ته هڪ ڏينهن توهان سان به اهڙي ئي ناانصافي ٿيندي، ۽ تڏهن توهان جي حق ۾ بيهڻ وارو به ڪو نه هوندو.“



