Kachahree - ڪچهري

Kachahree - ڪچهري

پيريءَ جا پخرا ۽ کٽو مٺو درد

Mir Atta Muhammad Talpur's avatar
Mir Atta Muhammad Talpur
Nov 06, 2026
∙ Paid

يار، مان هاڻي ڄمار جي ان ڏاڪي تي اچي بيٺو آهيان، جتي پنهنجي هڏن جي سار سنڀال لهڻ مون لاءِ ڪنهن جوکي واري راند کيڏڻ کان گهٽ ناهي رهيو. چوندا آهن ته ’پيري سؤ عيبن جي ديري‘، سو مون سان به ڪجهه ائين ئي پيو وهي واپري.

جي ڪا مٺي شئي کاوان ٿو ته شگر وڃي ٿي آسمان تي، جي ذرو لوڻ چکان ٿو ته بلڊ پريشر به آسمان سان پيو ڳالهيون ڪري، ۽ جي بازار ۾ دوائن جا اگهه ڏسان ٿو ته ٻئي شيون گڏجي ڪنڌيءَ کان ٻاهر نڪريو وڃن!

جي پاڻي گهڻو پيئان ٿو ته هر پنجين منٽ سانداس (غسلخاني) ڏانهن ڊوڙ پائڻي پوي ٿي، ۽ جي نٿو پيئان ته جسم سڪل ڍنڍ وانگر ٿيو وڃي. مان ته هاڻي اهو پيو سوچيان ته سانداس ۾ ئي هڪ ٽي وي لڳرائي، بسترو وڇائي، ان کي پنهنجي اوطاق سڏيان. جي رج کائي پيٽ ڀريان ٿو ته وزن وڌي ٿو، جي نٿو کاوان ته ڪمزوري اچي وڪوڙي ٿي. جي رڳو بصر، ٽماٽا ۽ سلاد کاوان ٿو ته دل اداس ٿي وڃي ٿي، ۽ جڏهن دل اداس ٿئي ٿي ته مان وري ڀريل ٿالهيءَ تي هٿ صاف ڪرڻ شروع ڪري ٿو ڏيان.

Share

User's avatar

Continue reading this post for free, courtesy of Mir Atta Muhammad Talpur.

Or purchase a paid subscription.
© 2026 Mir Atta Muhammad Talpur · Privacy ∙ Terms ∙ Collection notice
Start your SubstackGet the app
Substack is the home for great culture