عربي سمنڊ جون اڻ ڏٺيون لهرون ۽ سنڌ جو ساحل
سنڌ جي ساحلي پٽي، خاص ڪري ابراهيم حيدري يا ڪيٽي بندر جا ملاح جڏهن کاري سمنڊ جي گهيرن ۾ ويندا آهن، ته کين رڳو مٿاهين لهرن جو نه، پر پاڻيءَ جي هيٺان هلندڙ انهن “اڻ ڏٺي خطرن” جو به اندازو هوندو آهي جيڪي ٻيڙيءَ جو توازن بگاڙي سگهن ٿا. جيوپوليٽيڪس (Geopolitics) ۾ به مداخلت هميشه ٻيڙن جي لشڪر يا کليل جنگ سان ناهي ايندي؛ ڪڏهن ڪڏهن اها لهرن جيان خاموش هوندي آهي، پر ان جو گهاءُ قومن جي روح تي صدين تائين رهجي ويندو آهي. اسٽيفن ڪنزر جو ڪتاب اسان کي ٻڌائي ٿو ته 1953ع ۾ ايران ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو رڳو هڪ حڪومت جو خاتمو نه هو، پر هڪ قومي ياداشت (National Memory) جي اهڙي شڪل هئي جنهن اڄوڪي وچ اوڀر جي نفسيات تيار ڪئي آهي. اڄ جو بنيادي سوال اهو آهي ته: ڇا ڳجهي مداخلت رڳو هڪ سياسي واقعو آهي، يا اهو ڪنهن قوم جي اعتماد کي هميشه لاءِ مٽائڻ جو اسٽريٽجڪ هٿيار آهي؟
هڪ “فرشتي” جو ابليس ۾ تبديل ٿيڻ
1953ع واري بغاوت کان اڳ، ايراني عوام جي نظر ۾ آمريڪا ڪو نوآبادياتي لٽيرو نه، پر هڪ “مقدس” طاقت هئي. ايراني، برطانيه ۽ روس کي صدين کان پنهنجي خودمختاريءَ جو دشمن سمجهندا هئا، پر آمريڪا کي هڪ اهڙي ملڪ طور ڏسندا هئا جيڪو کين ٻاهران مدد ۽ اخلاقي سهڪار فراهم ڪري ٿو. آمريڪي اسڪول ٽيچر هاورڊ باسڪرويل (Howard Baskerville)، جيڪو 1909ع ۾ ايراني جمهوريت لاءِ وڙهندي شهيد ٿيو هو، ايراني عوام لاءِ هڪ اهڙو هيرو هو جنهن کي “آمريڪي لافائيٽ” سڏيو ويندو هو.
پر “آپريشن آجيڪس” (Operation Ajax) ان سڄي سونهري تصور کي هڪ ئي رات ۾ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. اسٽيفن ڪنزر لکي ٿو ته هيءَ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هو جو سي آءِ اي (CIA) ڪنهن ٻئي ملڪ جي چونڊيل حڪومت کي ڳجهي نموني ڪيرايو هو. برطانيه ۽ آمريڪا کي اها پرک هئي ته جيڪڏهن اهي سڌي طرح فوجي حملو ڪندا ته ايراني قوم متحد ٿي وڙهندي. انهيءَ ڪري، انهن ايران جي اندروني سياسي ڏارن ۽ ڳجهن ايجنٽن کي استعمال ڪيو.
سي آءِ اي جي ايجنٽن، جن ۾ رشيديان ڀائر (Rashidian Brothers) شامل هئا، رقم ڏئي اهڙا هٿراڌو احتجاج ڪرايا، جنهن ۾ ڀاڙيتو غنڊن ذريعي مسجدن تي حملا ڪرايا ويا ۽ اها پروپيگنڊا ڪئي وئي ته مصدق هڪ لادين اڳواڻ آهي. ان جو مقصد رڳو حڪومت ڪيرائڻ نه، پر عوام جي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهارڻ هئي ته “جمهوريت رڳو بدامني ۽ افراتفري پيدا ڪري ٿي”. هيءَ “ڳجهي مداخلت” ايراني عوام لاءِ هڪ اهڙو صدمو (Trauma) بڻجي وئي، جنهن کين اهو سيکاريو ته جيڪو ملڪ پاڻ کي جمهوريت جو علمبردار سڏائي ٿو، اهو ئي سندن جمهوريت جو سڀ کان وڏو قاتل بڻجي سگهي ٿو.
اڄوڪو تناظر: 1953ع جو پاڇو ۽ 2026ع جي جنگ
اڄ جڏهن اسين ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ 2026ع واري هن خوني جنگ کي ڏسون ٿا، جتي فيبروري جي آخر ۾ ٿيل حملن کانپوءِ خطي ۾ باهه ٻريل آهي، ته ان جي پويان 1953ع جو اهو “زخم” موجود آهي. ايران اڄ هڪ مقاومتي رياست [Resistant State] جي روپ ۾ بيٺو آهي، جنهن جي بنياد ۾ اها ياداشت آهي ته “آمريڪا ڪنهن به وقت اسان جو تختو الٽي سگهي ٿو”.
1979ع ۾ آمريڪي سفارتخاني تي قبضو ۽ يرغمالي بحران به دراصل ان خوف جو نتيجو هو ته آمريڪا وري 1953ع جيان ڪو (Coup) نه ڪري. اڄوڪي دور ۾ جڏهن اسرائيل ۽ آمريڪا ايراني انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائين ٿا، ته ايران لاءِ هيءَ رڳو هڪ اسٽريٽجڪ جنگ ناهي، پر پنهنجي ان قومي وقار جي حفاظت آهي جيڪو 1953ع ۾ لتاڙيو ويو هو. وڏين طاقتن لاءِ جيڪو رڳو هڪ “آپريشن” هو، ايراني ياداشت ۾ اهو سندن تاريخ جو سڀ کان وڏو گهاءُ بڻجي ويو آهي جنهن اڄوڪي بي اعتباريءَ کي جنم ڏنو آهي.
ڳجهي مداخلت رڳو حڪومتون ناهي مٽائيندي، پر اها سماجن جي اندر پروپيگنڊا جي ذريعي اهڙي “ريجيم انجنيئرنگ” ڪندي آهي جو عوام پاڻ پنهنجي اڳواڻن جي خلاف ٿي ويندو آهي. اسٽيفن ڪنزر هڪ اهڙي حقيقت بيان ڪري ٿو جيڪا اڄوڪي سنڌ جي دانشورن لاءِ سوچڻ جهڙي آهي: سي آءِ اي جي هڪ پروپيگنڊسٽ، رچرڊ ڪاٽم (Richard Cottam)، اندازو لڳايو هو ته تهراني اخبارن جو تقريبن 80 سيڪڙو سي آءِ اي جي اثر هيٺ هو. اهي اخبارون مصدق جي خلاف اهڙو بيانيو ٺاهي رهيون هيون جنهن ۾ کيس “ڪميونسٽن جو ساٿي” ۽ “جنوني” ثابت ڪيو ويو.
1. معلوماتي جنگ (Information Warfare) ۽ سنڌ:
اڄوڪي دور ۾ اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته سوشل ميڊيا هجي يا مقامي پريس، عالمي طاقتون پنهنجي مفادن لاءِ اسان جي قومي بيانيي کي ڪنهن به وقت اغوا ڪري سگهن ٿيون. جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وسيلن يا سياسي حقن بابت هٿراڌو بي اعتباري پيدا ڪئي وڃي، ته اها مداخلت جي پهرين نشاني هوندي. 1953ع جو سبق اهو آهي ته “ڳجهو هٿ” هميشه تڏهن ڪامياب ٿيندو آهي جڏهن هو عوام جي ياداشت کي مسخ ڪرڻ ۽ کين پنهنجي ئي مفادن جي خلاف بيهارڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي.
2. مقامي ڪردار ۽ ضمير جو وڪرو:
ڪتاب ظاهر ڪري ٿو ته مداخلت تڏهن ئي ڪامياب ٿي جڏهن ايران جي جنرلن، مذهبي اڳواڻن ۽ رشيديان ڀائرن جهڙن اثرائتي ماڻهن پنهنجي ملڪ جي مفادن تي پرڏيهي پئسن کي ترجيح ڏني. سنڌ جي جاگرافيائي اهميت، خاص ڪري عربي سمنڊ جو ساحل، ان کي عالمي طاقتن جي نظر ۾ هڪ “اسٽريٽجڪ پوائنٽ” بڻائي ٿو. اسان جي سماجي ۽ سياسي صفن ۾ موجود اهي ماڻهو جيڪي پرڏيهي ايجنڊا تي ڪم ڪن ٿا، اهي سنڌ جي قومي ياداشت لاءِ وڏو خطرو آهن.



