رتوديرو جي هڪ ٻوساٽيل ٻپهر آهي، جتي هوا ۾ نه رڳو مٽي، پر هڪ اڻڄاتل خوف جي بوءِ به شامل آهي. هڪ ماءُ، جنهن جي هنج ۾ سندس جگر جو ٽڪرو پنهنجي معصوم اکين سان تپ جي شدت ۾ زندگيءَ جي ميلاپ لاءِ واجهائي رهيو آهي، سرڪاري اسپتال جي انهن اڇين ديوارن ڏانهن اميد ڀرين نگاهن سان ڏسي ٿي، جن کي هوءَ ’شفا جو گهر‘ سمجهي ٿي. ان عورت لاءِ اهي اڇا ڪوٽ پائيندڙ مسيحا آهن، جيڪ…



