پيراڊائيز پوائنٽ: سمنڊ جي سيني ۾ دفن ٿيل هڪ خواب
يوٽا جي پٿريلين وادين کان ڪراچيءَ جي ڪناري تائين، يادگيرين ۽ قدرت جي ھڪجھڙائيءَ جو هڪ فلسفيانه سفر.
تصوير رڳو ڪاغذ جي هڪ مئل ٽڪري يا ڊجيٽل اسڪرين تي چمڪندڙ پڪسلز جو مجموعو ناهي هوندي، پر اها وقت جي بي رحم وهڪري ۾ لڳل هڪ اهڙو ٽوٻو آهي، جيڪو اسان کي يادگيرين جي ان تهه تائين وٺي وڃي ٿو جتي اسان جو ماضي اڃا تائين ساهه کڻي رهيو هوندو آهي. اڄ جڏهن منهنجي هٿ ۾ ڪراچيءَ جي ’پيراڊائيز پوائنٽ‘ جو هڪ پراڻو فوٽو آيو، ته ائين لڳو ڄڻ وقت جي ديوار ۾ هڪ دري کلي وئي هج…



