Kachahree - ڪچهري

Kachahree - ڪچهري

عالمي فڪر ۽ ڪتاب

ضمير جي معطلي: اخلاقيات جو نيوٽرل گيئر ۽ انسانيت جو زوال

Mir Atta Muhammad Talpur's avatar
Mir Atta Muhammad Talpur
Apr 22, 2026
∙ Paid

انساني وجود جي گهري گهٽائن ۽ سماجي رشتن جي آويئڙي (پيچيده) نظام ۾ اڪثر هڪ اهڙو نفسياتي لمحو جنم وٺندو آهي، جتي ”علم“ جي روشني موجود هئڻ جي باوجود ”احساس“ جو ڏيئو خاموشيءَ سان وسامي ويندو آهي. فڪر ۽ فلسفي جي دنيا ۾، برائي ڪا اوچتي طوفان جيان ناهي ايندي، پر اها تڏهن گهر ڪندي آهي جڏهن جياپي جا محافظ ئي پنهنجي مقدس عهد تان هٿ کڻي وٺن. نفسياتي ماهر فلپ زمبارڊو ان ڪيفيت جي پروڙ ڏيندي، ان کي ”اخلاقيات جو نيوٽرل گيئر“ (The Ethical Gearshift) سڏيو آهي. هي هڪ اهڙو استعارو آهي، جيڪو اسان جي پيچيده نفسياتي لاڙن جي بهترين عڪاسي ڪري ٿو.

تصور ڪريو ته اسان جو اخلاقي وجود هڪ گاڏي آهي، جيڪا ضمير جي روشن رستي تي هلي رهي آهي. جيستائين هيءَ گاڏي صحيح گيئر ۾ آهي، تيستائين اسان کي خير ۽ شر، پاپ ۽ پڃ جي فرق جي سڃاڻپ رهي ٿي. پر جڏهن سسٽم جو دٻاءُ، پيشيوراڻي بي حسي يا انتظامي مجبوريون اسان کي ان نڪتي تي وٺي اچن ٿيون، جتي اسين پنهنجي عملن لاءِ من گهڙت جواز تراشڻ شروع ڪريون ٿا، ته اسان جي اخلاقيات ”نيوٽرل“ ٿي وڃي ٿي. هڪ گاڏي جڏهن نيوٽرل گيئر ۾ هجي ۽ ڪنهن لاهيءَ تي بيٺل هجي، ته اها بغير ڪنهن ارادي يا شعوري فيصلي جي، تيزيءَ سان هيٺاهينءَ ڏانهن گسڪڻ لڳندي آهي. اهو ئي اهو مقام آهي جتي البرٽ بانڊورا جي ”اخلاقي لاتعلقي“ (Moral Disengagement) جي لاهڻي پنهنجو ڪم ڏيکاريندي آهي.

اسان سنڌ جي اسپتالن ۾ هڪ ئي سرنج ذريعي معصوم ٻارن جي رڳن ۾ موتمار وائرس (HIV) جي ڦهلاءَ جو مثال بار بار ان ڪري ڏيندا آهيون، ڇاڪاڻ ته هي لوسيفر ايفيڪٽ (The Lucifer Effect) جو سڀ کان جيئرو جاڳندڙ محرڪ آهي. هتي هڪ پڙهيل ڳڙهيل طبيب يا نرس موروثي طور تي ڪو ظالم ناهي هوندو، پر نظام جي بي حسي کيس ان مقام تي وٺي آئي آهي، جتي هڪ معصوم جو جياپو سندس لاءِ رڳو هڪ ”ٽيڪنيڪل ٽاسڪ“ بڻجي چڪو آهي. هو ”خود-جوازيت“ (Self-justification) جي هڪ اهڙي نفسياتي قلعي ۾ پناهه وٺندو آهي، جتي کيس ٻارن جي رڳن ۾ ويندڙ زهر رڳو هڪ انتظامي مجبوري لڳندو آهي. ساڳي ئي خاموش بي حسي اسان کي سنڌ جي کنڊر بڻيل اسڪولن جي آفيسن ۾، ٿر جي ڏڪار ۾ سسڪندڙ حياتين تي ڪاغذ ڪارا ڪندڙ ڪامورن جي روين ۾، ۽ پاڻيءَ جي غير منصفاڻي ورهاست ۾ نظر اچي ٿي. هر هنڌ فرد پنهنجي ذميواريءَ کي ”مٿئين حڪم“ يا ”سسٽم جي خرابيءَ“ جي اوٽ ۾ لڪائي ٿو.

هن سموري پيچيده بحث جي پڄاڻي اسان کي ان اٽل سچ ڏانهن وٺي وڃي ٿي ته برائي ڪو موروثي عيب نه، پر اسان جي اخلاقي انتخابن جو نتيجو آهي. جڏهن اسين ضمير جو گيئر تبديل ڪري سسٽم جي بي حسيءَ جو حصو بڻجون ٿا، ته دراصل لوسيفر جي رستي جا مسافر بڻجي وڃون ٿا. سچي ديانتداري ۽ حقيقي مسيحائي رڳو پنهنجي فرضي ڊيوٽي پوري ڪرڻ ناهي، پر نظام جي ان خطرناڪ لاهيءَ تي بيٺل هئڻ جي باوجود، پنهنجي اخلاقي بريڪ کي مضبوطيءَ سان جهلڻ آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن شعور جو گيئر نيوٽرل ٿي وڃي، ته پوءِ اتي ٿيندڙ هر انتظامي فيصلو ۽ لڳندڙ هر انجيڪشن، انسانيت جو مقتل بڻجي ويندو آهي. اسان کي پنهنجي بقا خاطر، پنهنجي احساس جي گيئر کي هر حال ۾ سجاڳ رکڻو پوندو.

پیڊ سبسڪرائبرز لاء تفصيلي مضمون ھيٺ ڏجي ٿو.

Share

User's avatar

Continue reading this post for free, courtesy of Mir Atta Muhammad Talpur.

Or purchase a paid subscription.
© 2026 Mir Atta Muhammad Talpur · Privacy ∙ Terms ∙ Collection notice
Start your SubstackGet the app
Substack is the home for great culture