گذريل هفتي اسان ايران جي تاريخدانن جي يادگيرين ۽ ’All the Shah’s Men‘ جهڙن شاهڪار ڪتابن جي آئيني ۾ اهو پرکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ڪيئن عالمي طاقتون پنهنجي مفادن جي پورائي لاءِ ڪنهن قوم جي تقدير جا ورق پٽي سگهن ٿيون. اسان ڏٺو ته ڪيئن هڪ گهڙي ويل سازش ذريعي ايران ۾ جمهوريت جو گهٽو ڏنو ويو ۽ ان جا اثر اڄ تائين نه صرف ان خطي، پر اسان جي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي لهرن تي به ڪنهن گهري پاڇي جيان ڇانيل آهن. ان جنگي صورتحال ۽ مخصوص بيانيي (Narrative) اسان جي سوچن کي ڪافي لوڏي ڇڏيو آهي.
پر هتي هڪ بنيادي سوال اڀري ٿو: اهي وڏا وڳوڙ، فڪري انتشار ۽ سازشون جنم ڪٿان وٺن ٿيون؟
منهنجي ويچار ۾، ڪنهن به جنگ جي پهرين گولي بارود جي صورت ۾ نه، پر ’لفظن‘ جي روپ ۾ هلندي آهي. جڏهن اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ، سوشل ميڊيا جي بحثن يا سياسي اوطاقن ۾ ٿيندڙ گفتگوءَ تي نظر وجهون ٿا، ته محسوس ٿئي ٿو ته اتي به هڪ ’خاموش جنگ‘ جاري آهي. اها جنگ آهي سچ کي شڪست ڏئي، رڳو پنهنجي ڳالهه مڃائڻ جي.
انهيءَ ذهني گهيري ۽ لفظي شعبدي بازيءَ کان بچڻ لاءِ، هن هفتي مون هڪ اهڙي ڪتاب جو انتخاب ڪيو آهي، جيڪو اسان کي پنهنجي فڪري دفاع جي سگهه بخشيندو. اسان هن هفتي مشهور جرمن فلاسفر آرٿر شوپنهاور جو انتهائي دلچسپ ۽ حڪمت عمليءَ سان ڀريل ڪتاب ’The Art of Always Being Right‘ (هميشه صحيح ھجڻ جو فن) پڙهنداسين.
هن ڪتاب جي چونڊ ڇو؟
اسان جي سنڌي سماج ۾ بحث ۽ مباحثي جي هڪ مالا مال تاريخ رهي آهي. اوطاقن جي ڪچهرين کان وٺي سوشل ميڊيا جي ڀتين تائين، اسان هر موضوع تي پنهنجي راءِ رکڻ جا عادي آهيون. پر ڇا اسان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته اڪثر اسان هڪ اهڙي شخص آڏو بحث ۾ شڪست کائي ويندا آهيون، جنهن وٽ دليل ته ڪمزور هوندا آهن پر ڳالهائڻ جو ڍنگ انتهائي ’شاطراڻو‘ هوندو آهي؟
شوپنهاور هن ڪتاب ۾ هڪ تمام ڪڙي حقيقت تان پردو کڻي ٿو. هو چوي ٿو ته: ”انسان فطري طور تي سچ ڳولڻ بدران پنهنجي ’انا‘ (Vanity) کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.“ جڏهن اسان ڪنهن سان بحث جي ميدان ۾ لهندا آهيون، ته اسان جي پهرين ترجيح اها هوندي آهي ته اسان ’صحيح‘ ثابت ٿيون، ڀلي اسان کي پنهنجي من اندر اها خبر ئي ڇو نه هجي ته اسان غلط آهيون.
مون هن ڪتاب جو انتخاب ان ڪري ڪيو آهي ته جيئن اسان انهن ’ذهني هٿيارن‘ کي سڃاڻي سگهون، جيڪي روزاني زندگيءَ ۾ اسان جي خلاف استعمال ڪيا وڃن ٿا:
* دفاعي حصار جي اڏاوت: اسان مان اڪثر ماڻهو سچي دل سان دليل ڏيندا آهن، پر سامهون وارو شخص ڪجهه اهڙيون ’چالون‘ (Tricks) استعمال ڪندو آهي، جو سچو ماڻهو به گونگو بڻجي ويندو آهي. هي ڪتاب اسان کي اهي چالون سڃاڻڻ سيکاريندو ته جيئن اسان پنهنجي سچائيءَ جو دفاع ڪري سگهون.
* ملاوٽ واري بحث کان آگاهي: اسان جي سماج ۾ اڪثر سنڌ سان محبت، قومي جذبن يا مذهبي لڳاءُ کي بحث جي وچ ۾ اهڙي نموني آندو ويندو آهي، جو اصل حقائق دٻجي ويندا آهن. شوپنهاور اسان کي ٻڌائي ٿو ته ڪيئن جذباتي ليبل لڳائي اصل مسئلي تان ڌيان هٽايو ويندو آهي.
* سچ جي پرک: منهنجو مقصد هي ڪتاب پڙهڻ جو هرگز اهو ناهي ته اسان ٻين کي ٺڳيون يا غلط ڳالهيون مڃرايون. پر مقصد اهو آهي ته جڏهن ڪو ٻيو اسان کي پنهنجي لفظن جي ڄار ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري، ته اسان کي فوري طور اها پروڙ پئجي وڃي ته هي سچائي ناهي پر ’ڊائلڪٽڪس‘ (Dialectics) يعني بحث بازي جي هڪ مهارتي چال آهي.
هفتي جو لائحہ عمل
سڀاڻي کان وٺي ڇنڇر تائين، آئون روزانو ھن ڪتاب کي پڙھندس ۽ ان ۾ ڏنل اھي مختلف طريقا اوھان سان ونڊيندس، جن ذريعي بحث جو رخ موڙيو ويندو آهي. اسان فلسفي جي پيچيدگين ۾ وڃڻ بدران انهن جي مٿاڇري منطق کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ ڏسنداسين ته اهي طريقا اسان جي سياسي، سماجي ۽ اوطاقي زندگيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪتب اچن ٿا.
منهنجي ڪوشش هوندي ته اسان سڀ گڏجي اهڙي فڪري آزادي حاصل ڪريون، جتي ڪو به شخص اسان جي جذبات يا لاچاريءَ جو فائدو کڻي اسان کي ڪوڙن دليلن سان زير نه ڪري سگهي. سچ تائين پهچڻ لاءِ انهن رڪاوٽن کي سڃاڻڻ لازمي آهي، جن کي شوپنهاور پنهنجي هن فن ۾ بيان ڪيو آهي.
جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان جو دليل ڪڏهن به ڪنهن ذهني چال جو شڪار نه ٿئي، ته سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ هن سلسلي ۾ مون سان گڏ رهجو.
سڀاڻي اسان پهرين مضمون سان ملنداسين، جنهن ۾ اسان بحث جي بنيادي شروعات ۽ پهرين حڪمت عمليءَ تي ڳالهائينداسين.


