سنڌ جي ڪنهن مصروف شاهراهه، جهڙوڪ سپر هاءِ وي يا انڊس هاءِ وي تي ٺهيل پوليس يا ايڪسائيز جي چيڪ پوسٽ تي بيٺل اهلڪار جو منظر پنهنجي ذهن جي پردي تي آڻيو. فرض ڪريو ته اهو اهلڪار پنهنجي ڊيوٽيءَ جو پڪو، سخت مزاج ۽ فرض شناس آهي، جيڪو هر ايندڙ ويندڙ گاڏيءَ جي چڱي ريت تلاشي وٺي ٿو ۽ ڪنهن به غيرقانوني شيءِ کي اڳتي وڃڻ نٿو ڏئي. سندس موجودگي مسافرن لاءِ تحفظ ۽ قانون جي بالادستيءَ جي علامت آهي. پر پوءِ، هڪ اهڙي مهانگي گاڏي اچي ٿي، جنهن ۾ ڪو اثر رسوخ وارو شخص ويٺل آهي، يا وري ان گاڏيءَ مان ڪو اهڙو ’لفافو‘ نڪري ٿو، جيڪو ان اهلڪار جي ذاتي مفاد يا سندس خانداني ضرورتن سان سڌو سنئون ڳنڍيل آهي. ان وقت اهو ساڳيو فرض شناس پهريدار گاڏيءَ کي روڪڻ ۽ تلاشي وٺڻ بدران، پاسي تي ٿي ان کي محفوظ رستو ڏئي ٿو. هو پنهنجي ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ ملامت کي هڪ عجيب قسم جي تسلي ڏئي ٿو: ”مان ڪو اڪيلو ته ناهيان جيڪو هيئن ڪيان ٿو، هي سسٽم ئي ائين هلي ٿو. مون ڪهڙو ڪنهن جو رت وهايو آهي، مان ته صرف پنهنجي ٻارن جو مستقبل محفوظ ڪري رهيو آهيان ۽ اهي پئسا ڪنهن چڱي ڪم ۾ لڳائيندس.“ اهو پوليس وارو پنهنجي اندر جي احتساب کي ماري نٿو، پر ڏاڍي چالاڪيءَ سان ان کي ڪجهه دير لاءِ ننڊ ڏياري ڇڏي ٿو.
اخلاقي شعور
نفسيات جي ماهر البرٽ بنڊورا پنهنجي جڳ مشهور تحقيق ۾ انساني ذهن جي هن پيچيده رويي کي کولي پيش ڪيو آهي. هن پنهنجي ڪتاب جي پهرئين باب ۾ هڪ بنيادي تصور ”اخلاقي شعور“ (Moral Agency) تي تفصيلي بحث ڪيو آهي. بنڊورا سمجهائي ٿو ته هن شعور جا ٻه مکيه پهلو يا روپ آهن: هڪ طرف اهو اسان کي برا، ظالماڻا ۽ غير انساني ڪم ڪرڻ کان سختيءَ سان روڪي ٿو (inhibitive form)، ته ٻئي طرف اهو ئي شعور اسان کي ٻين سان همدردي ڪرڻ، ڏکويلن جي مدد ڪرڻ ۽ ساڻن ڀلائي ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻ تي همٿائي ٿو (proactive form).
اخلاقي لاتعلقي : اخلاقي معيار جي داخلي الارم سسٽم جو غير فعال ٿيڻ
اسين اڪثر اهو سمجهندا آهيون ته اسان جا اخلاقي معيار ۽ اسان جو داخلي الارم سسٽم ڪنهن خودڪار مشين وانگر هر وقت ساڳي ايمانداريءَ سان هلندو رهي ٿو. پر هتي ئي اسان سڀ کان وڏو دوکو کائيندا آهيون. بنڊورا ٻڌائي ٿو ته اسان جا اهي اندروني اخلاقي معيار ڪي اهڙا خودڪار پهريدار ناهن جيڪي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي مسلسل ۽ پنهنجي سر هلندا رهن. حقيقت اها آهي ته جڏهن ڪنهن عمل ۾ اسان کي ڪو وڏو مالي فائدو نظر اچي ٿو، يا اسان تي سماج جي ڪنهن طاقتور ڌر جو سخت دٻاءُ پوي ٿو، ته اسين پنهنجي ئي ضمير جي انهن پابندين کي غير فعال (deactivate) ڪري ڇڏيندا آهيون.
ان ماهرانه ذهني چالاڪيءَ کي بنڊورا ”اخلاقي لاتعلقي“ (Moral Disengagement) جو نالو ڏئي ٿو، جيڪا بلڪل عام، شريف، ۽ سلجهيل ماڻهن کي به ان ڳالهه جي اجازت ڏئي ڇڏيندي آهي ته هو پنهنجي ئي ٺاهيل اعليٰ اصولن جي ڀڃڪڙي ڪن، ٻين کي نقصان پهچائين، پر ان جي باوجود پنهنجي نظر ۾ پاڻ کي هڪ نيڪ ۽ عزت وارو انسان سمجهندا رهن. نفسيات جي دنيا ۾، اسين پنهنجي ضمير کي اڪثر هڪ سخت جج طور ڏسندا آهيون، پر جڏهن مفاد سامهون اچن ٿا ته اسين ان جج کي رشوت ڏئي هڪ اهڙو صفائيءَ جو وڪيل بڻائي ڇڏيندا آهيون، جيڪو اسان جي هر ڏوهه، هر ڪوتاهيءَ ۽ هر بدديانتيءَ جا فائدا ۽ شاندار دليل ڳڻائيندو آهي.
اچو ته ان فلسفي کي پنهنجي سنڌي سماج جي روزمرهه جي حقيقتن سان ڀيٽيون ۽ ڏسون ته اسان پنهنجي اخلاقي راڊار کي ڪيئن بند ڪريون ٿا.
ڪنهن سرڪاري اسڪول جي ان استاد جي باري ۾ سوچيو، جيڪو مهينن جا مهينا ڊيوٽيءَ تي نٿو وڃي ۽ پنهنجي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي معمولي پگهار تي بيهاري پاڻ ٻيا ڪاروبار ڪري ٿو. جڏهن سندس ضمير کيس للڪاري ٿو، ته هو ان جي اکين تي هڪ شاندار دليلن وارو ڪپڙو ٻڌي ڇڏي ٿو: ”حڪومت مون کي ڏنو ئي ڇا آهي؟ هتي ته وڏا وڏا مانگرمڇ ملڪ جو خزانو کائي ويا آهن، منهنجي هڪ پگهار سان ڪهڙو غضب ٿي ويندو؟ مان گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي خاندان لاءِ حلال جي روزي ته ڪمايان پيو.“ هو پنهنجي عمل کي حڪومتي نااهليءَ سان ڀيٽي، پنهنجي ئي نظر ۾ پاڻ کي هڪ سچو ۽ مظلوم انسان ثابت ڪري ٿو، جڏهن ته هو ڳوٺ جي سوين غريب ٻارن جي مستقبل جي تباهيءَ جو اصل ذميوار هوندو آهي.
يا وري ڪنهن سرڪاري اسپتال جي ان مسيحا (ڊاڪٽر) ڏانهن ڏسو، جيڪو پري پري کان آيل غريب ۽ لاچار مريضن کي ڌيان سان ڏسڻ بدران کين پنهنجي خانگي ڪلينڪ ڏانهن اُماڻي ٿو. هو پنهنجي هن بي حسيءَ تي شرمسار ٿيڻ بدران پنهنجي ئي شعور سان سوديبازي ڪري ٿو: ”مون هن پيشي لاءِ ڏاڍي محنت ڪئي آهي، لکين رپيا لڳايا آهن، هن معمولي سرڪاري پگهار ۾ منهنجي ٻارن جو مستقبل ڪيئن ٺهندو؟ مان پنهنجي خاندان سان ته سچو آهيان!“ هو پنهنجي پيشيوراڻي لالچ کي ”خاندان سان محبت“ ۽ ”پنهنجي حق“ جو مقدس نالو ڏئي، ان پيڙا مان آجو ٿي وڃي ٿو، جيڪا ڪنهن غريب مريض جي تڙپڻ مان کيس ملڻ گهرجي ها.
ايتري تائين جو اسان جي منڊين ۾ ويٺل اهو واپاري يا دلال، جيڪو هاريءَ جي ڇهن مهينن جي رت ۽ پگهر سان ٺهيل فصل جو اگهه ڪيرائي، سندس سمورو منافعو پنهنجي کيسي ۾ وجهي ٿو، اهو به پاڻ کي ظالم نٿو سمجهي. سندس دليل هوندو آهي ته: ”ڪاروبار ۾ جذبات ناهن هلندا، مان ڪو مٿس بندوق ته ناهي رکي، اهو مارڪيٽ جو اصول آهي، مون پنهنجي هوشياريءَ سان پئسو ڪمايو آهي.“ هو انهيءَ ٺڳيءَ جي پئسي مان وڏي فخر سان مسجدن ۾ چندا ڏئي ٿو، غريبن ۾ خيرات ورهائي ٿو، ۽ حج توڙي عمرا ڪري ٿو.
اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿو ٿئي؟ ڇو جو بنڊورا جي تحقيق موجب، ماڻهو پنهنجي اخلاقي پابندين ۽ ضابطن کي پنهنجي مرضيءَ سان فعال (activate) ۽ غير فعال (deactivate) ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. هڪ ئي ماڻهو، جنهن جا اخلاقي معيار ساڳيا آهن، اهو هڪ هنڌ انتهائي رحم دل ۽ نيڪ هجي ٿو ۽ ساڳئي وقت ڪنهن ٻئي هنڌ انتهائي ظالم ۽ بي حس بڻجي وڃي ٿو، ڇو ته هن پنهنجي مفادن واري خاني ۾ پنهنجي ”اخلاقي راڊار“ جو بٽڻ بند ڪري ڇڏيو آهي.
وڏو ۽ خطرناڪ الميو
هي ئي اسان جي سماج جو سڀ کان وڏو ۽ خطرناڪ الميو آهي. ڏوهه ڪرڻ اوترو خطرناڪ ناهي، جيترو ڏوهه يا ناجائزي ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي پاڻ کي نيڪ، اعليٰ ۽ صحيح ثابت ڪرڻ جو نفسياتي فريب خطرناڪ آهي. جڏهن سماج جو هر فرد پنهنجي اندر جي چيڪ پوسٽ تان پنهنجي پسند جي گاڏين کي بنا روڪ ٽوڪ جي گذرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ ان لاءِ جواز به ڳولي وٺي، ته پوءِ برائيءَ کي پکڙجڻ لاءِ ڪنهن وڏي حڪومتي سازش يا ٻاهرين دشمن جي ضرورت نٿي پوي. اهو سماج اندر ئي اندر کوکلو ٿي، پنهنجي ئي هٿان تباهه ٿي ويندو آهي.
پنھنجي اخلاقي راڊار جي تار چيڪ ڪيو
جيڪڏهن اوهان هي سٽون پڙهي رهيا آهيو، ته هڪ لمحي لاءِ هر شيءِ وساري پنهنجي ذات جي اونهاين ۾ جهاتي پائي ڏسو. ڪٿي اوهان به ته پنهنجي روزمرهه جي زندگيءَ ۾ پنهنجي اخلاقي راڊار جي تار ته ناهي ڪڍي ڇڏي؟ جڏهن اوهان ڪنهن قطار ۾ بيٺل ماڻهن جو حق ماري اڳتي وڌو ٿا، جڏهن اوهان ڪنهن غريب جي مزدوريءَ تي بحث ڪري سندس پئسا گهٽايو ٿا، يا جڏهن اوهان پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي ڪري ان کي ڪنهن وڏي سماجي، سياسي يا خانداني مصلحت جو نالو ڏيو ٿا... ته ان وقت ٿورو رڪجي وڃو. پنهنجي ذهن جي ان ڪارخاني کي سڃاڻو، جيڪو اوهان جي هر غلط ڪم لاءِ ريشمي ۽ مقدس لباس تيار ڪري رهيو آهي.
اسان کي پنهنجي سماج جي وڃايل سونهن ۽ اخلاقي تقدس ڪنهن ٻاهرين تبليغ سان نه ملندو، اهو تڏهن ئي واپس ملندو جڏهن اسين پنهنجي هٿ سان بند ڪيل ان ”اخلاقي راڊار“ کي ٻيهر متحرڪ ڪنداسين. پاڻ کان بي خوف ٿي هڪ سوال ضرور پڇو: ڇا مان پنهنجي ئي شعور سان سوديبازي ڪري، پنهنجي ئي ضمير کي دوکو ڏيڻ جو عادي ته نه بڻجي چڪو آهيان؟
مير عطا محمد ٽالپور
ملاڪا، ملائيشيا


