ڇا توهان جو “صحيح هجڻ جو ضد” توهان جي رشتي کي کائي رهيو آهي؟
اڄوڪي دور ۾، اسان اڪثر رشتن جي ٽٽڻ جو سبب ڪاوڙ يا طبيعت جي فرق کي سمجهندا آهيون، پر حقيقت ۾ هڪ “خاموش قاتل” اسان جي ذهنن ۾ موجود هوندو آهي: پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ جو نفسياتي هٿيار.
هن تفصيلي مضمون ۾، اسان مشهور ڪتاب Mistakes Were Made (but Not by Me) ۽ نفسياتي ماهر جان گوٽمين جي حيران ڪندڙ تحقيقات جي روشنيءَ ۾ اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته ڪيئن اسان جو ذهن پنهنجي پارٽنر خلاف هڪ “نفرت جي فهرست” تيار ڪرڻ شروع ڪندو آهي.
هن آرٽيڪل ۾ توهان پڙهندا:
جادوئي تناسب (Magic Ratio): اهو 5:1 جو فارمولا جيڪو طئي ڪري ٿو ته رشتو قائم رهندو يا ٽٽي ويندو.
انصاف بمقابله رحم: گهر کي دليلن جي ترازوءَ بدران درگذر سان ڪيئن هلايو وڃي؟
ذهني قلعہ بندي: اسان ڪيئن لاشعوري طور پنهنجي انا جي بچاءُ ۾ رشتي جي جياپي کي هڙپ ڪري ويندا آهيون.
عملي مثال: روزاني زندگيءَ جي معمولي جهيڙن کي محبت ۾ بدلائڻ جا طريقا.
جيڪڏهن توهان محسوس ڪيو ٿا ته توهان جي رشتي ۾ دليلن جو “ڪلر” چڙهي رهيو آهي، ته هي مضمون توهان لاءِ هڪ نئين زندگيءَ جي راهه ثابت ٿي سگهي ٿو. پورو مضمون پڙهڻ لاءِ سبسڪرائيب ڪريو.



