نرگسيت جي وبا: عالمي جنگيون، سنڌي سياست ۽ همدرديءَ جو موت
اڄ جي دور ۾ جنگيون رڳو بارود جي بوءِ ۽ سرحدن جي لتاڙ تائين محدود ناهن رهيون، پر اهي اسان جي هٿن ۾ موجود سمارٽ فون جي اسڪرينن تي به پوري شدت سان برپا آهن. جڏهن اسين ايران جي ميزائلن جا هاءِ-ڊيفينيشن وڊيو ڏسندا آهيون يا امريڪي ۽ اسرائيلي دفاعي نظام جو ڊجيٽل مظاهرو، ته اسان کي لڳندو آهي ته هي طاقت جو حقيقي روپ آهي.
پر جين ايم ٽوئينگي ۽ ڪيٿ ڪيمپبل پنهنجي شاهڪار ڪتاب “The Narcissism Epidemic” ۾ اسان کي هڪ مختلف سچائيءَ کان آگاهه ڪن ٿا. سندن تحقيق موجب، سوشل ميڊيا نرگسيت لاءِ هڪ ”آئيني“ جو ڪم ڪري ٿي، جتي رياستون ۽ فرد پنهنجي طاقت جو حقيقي استعمال ڪرڻ بدران ان جي ”نمائش“ (Performative Aggression) ۾ وڌيڪ دلچسپي رکن ٿا. هي نمائش رڳو اَنا جي تسڪين ناهي، پر هي انساني همدرديءَ جي ان موت جو آغاز آهي، جنهن کي اسين اڄ عالمي ۽ مقامي سطح تي ڏسي رهيا آهيون.
اجتماعي نرگسيت ۽ طاقت جو وهم
ايران، امريڪا ۽ اسرائيل جي موجوده ڇڪتاڻ ۾ سوشل ميڊيا کي هڪ نفسياتي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي. نفسياتي ماهر ان کي ”اجتماعي نرگسيت“ (Collective Narcissism) جو نالو ڏين ٿا. هي اها ڪيفيت آهي جتي هڪ رياست يا گروهه پنهنجي قومي سڃاڻپ کي ايترو ته مٿانهون ۽ مقدس بڻائي پيش ڪندي آهي، جو هوءَ ٻين جي وجود کي حقير سمجهڻ لڳندي آهي.
جڏهن هڪ ملڪ ميزائل فائر ڪرڻ کان اڳ ان جو ڊجيٽل ”ٽريلر“ رليز ڪري ٿو، ته ان جو مقصد رڳو دشمن کي تباهه ڪرڻ ناهي، پر پنهنجي عوام کي پنهنجي ”عظمت“ جي سحر ۾ قيد رکڻ هوندو آهي. ٽوئينگي جي مطابق، هي ”طاقت جو وهم“ آهي؛ ڇاڪاڻ ته حقيقي طاقت کي هر وقت واهه واهه جي ضرورت ناهي پوندي، پر نرگسي سوچ کي مسلسل ٻاهرين مڃتا جي بک هوندي آهي. هي بک تڏهن وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندي آهي جڏهن اها طاقتور کي عام انسان جي تڪليفن کان بي خبر بڻائي ڇڏيندي آهي.
سنڌ جا سياسي اڳواڻ: پروٽوڪول جو خول ۽ ”خالي پڻو“
عالمي طاقتن جي هن نمائش کي جيڪڏهن اسان پنهنجي سنڌي سماج جي روين ۾ ڳوليون، ته ان جو سڀ کان چٽو مثال اسان جي سياسي قيادت ۾ نظر اچي ٿو. اسان جي سياسي ڪلچر ۾ طاقت جي تعريف بدبختيءَ سان بدلجي وئي آهي. اڄ طاقت جو مطلب عوامي خدمت ناهي، پر طاقت جو مطلب پروٽوڪول، وڏا جلسا، هٿياربند محافظن جا قافلا ۽ سوشل ميڊيا تي لکيل مصنوعي نعري بازي آهي.
هتي هڪ تلخ نفسياتي حقيقت اها آهي ته اسان جي اڪثر سياسي اڳواڻن جي پوري سڃاڻپ رڳو انهن ٻاهرين سهارن ۽ رياستي مراعات تائين محدود آهي. جين ايم ٽوئينگي پنهنجي ڪتاب ۾ “Empty Self” (خالي پڻو) جو تصور پيش ڪيو آهي.
جيڪڏهن انهن سياسي اڳواڻن تان اڄ اهو سرڪاري پروٽوڪول جو خول کسي ورتو وڃي، سندن گاڏين جا قافلا هٽي وڃن ۽ کين اقتدار جي ان مصنوعي گهيري مان ٻاهر آندو وڃي، ته سندن اندر رڳو هڪ خال نظر ايندو.
اهي پنهنجي ذات ۾ ايترا ته خالي آهن، جو کين اڪيلائيءَ ۾ پنهنجو وجود ثابت ڪرڻ لاءِ ڪنهن هجوم يا مفاهمتي رڙين جي ضرورت پوندي آهي. سندن اَنا ايتري ته ناپائيدار آهي جو هو پروٽوڪول جي ڍال کانسواءِ پاڻ کي زنده محسوس ئي نٿا ڪري سگهن.
همدرديءَ جو زوال: جڏهن ٻيو صرف هڪ ”عدد“ بڻجي وڃي
هن ”خالي پڻي“ جو ٻيو ۽ وڌيڪ هيبتناڪ رخ ”همدرديءَ جو زوال“ (Collapse of Empathy) آهي. جڏهن انسان پنهنجي اَنا جي ڦوڪڻي کي وڌائڻ ۾ مصروف هوندو آهي، ته هن جي اندر اها صلاحيت ختم ٿي ويندي آهي ته هو ٻئي جو درد محسوس ڪري سگهي. ٽوئينگي ۽ ڪيمپبل موجب، نرگسيت ۾ ٻيو انسان هڪ ”انسان“ نه پر رڳو هڪ ”اوزار“ يا شئي بڻجي ويندو آهي.
عالمي سطح تي: غزه جي مائرن جون رڙيون هجن يا ايران-اسرائيل تڪرار جي باهه ۾ سڙندڙ معصوم، عالمي طاقتن جي اَنا کين رڳو ”اسٽريٽجڪ انگ اکر“ طور ڏسي ٿي.
مقامي سطح تي: سنڌ ۾ جڏهن قبائلي جهيڙن ۾ خون وهي ٿو يا بک وگهي ٻار مرن ٿا، ته اسان جي ”پروٽوڪول پرست“ قيادت کي ڪو به حقيقي درد محسوس نٿو ٿئي.
کين لڳندو آهي ته جيستائين سندن پنهنجي ”سياسي تصوير“ سلامت آهي، تيستائين سڀ خير آهي. اسان جي سماج ۾ وڌندڙ بي حسي اصل ۾ ان ”اجتماعي نرگسيت“ جو نتيجو آهي، جتي اسان رڳو پنهنجي موبائيل اسڪرين تي پنهنجي ئي اَنا جي عڪس کي پوڄڻ جا عادي ٿي ويا آهيون.
شاهه لطيف جي پروڙ: نفس جو انڪار
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو هي بيت نرگسي اَنا جو اصل علاج پيش ڪري ٿو. سر ڪليان ۾ پاڻ فرمائين ٿا:
جو مون پڙهيو پاڻ لئي سبق سابق جو،
پهريان سڃاتم پاڻهنجي نفس جو نهو.
هن بيت ۾ لطيف سائين فرمائي ٿو ته حقيقي علم اهو آهي جيڪو انسان پنهنجي اصلاح (پاڻ) لاءِ حاصل ڪري. ان علم جو پهريون سبق هي آهي ته انسان پنهنجي ”نفس“ (Ego) جي نفيءَ کي سڃاڻي. نرگسيت اصل ۾ نفس جي ”ها“ (Affirmation) آهي، جتي انسان پاڻ کي سڀ ڪجهه سمجهي ٿو، جڏهن ته لطيف اسان کي نفس جي ”نه“ (Negation) سيکاري ٿو. جيستائين اسان پنهنجي اَنا جي محدود دائري کي نه ٽوڙينداسين، تيستائين اسين حقيقت کي نٿا سڃاڻي سگهون.



