Kachahree - ڪچهري

Kachahree - ڪچهري

هيبت خان جي هَوَس ۽ وڪاميل ضميرن جو پڇتاءُ

Mir Atta Muhammad Talpur's avatar
Mir Atta Muhammad Talpur
Nov 21, 2026

هڪ سرسبز ۽ شاداب جاگير هئي، جنهن جي واڳ ’سارنگ‘ نالي هڪ سچي ۽ کري اڳواڻ جي هٿن ۾ هئي. سارنگ جو اصول هو ته سمورا فيصلا هارين ۽ پورهيتن جي مرضيءَ ۽ انصاف جي تارازيءَ تي ٿيندا. پر ان جاگير جي هٿياربند جٿي جي ظالم ۽ طاقتور ڪمانڊر، ”هيبت خان“، کان اهو سچ ۽ سرڪشي برداشت نه ٿي. هيبت خان کي اها ڳالهه صفا نه وڻندي هئي ته ڪوئي سندس آڏو ڪنڌ ڇو نٿو جهڪائي. هن پنهنجي طاقت جي نشي ۾ سارنگ تي ڪوڙا الزام مڙهيا، ۽ کيس هڪ اونهي، اونداهي کڏ ۾ قيد ڪري ڇڏيو.

Share

ان کانپوءِ، هيبت خان جاگير جي ٻن لالچي ۽ موقعي پرست مُنشين، ’بکو‘ ۽ ’رولو‘، کي پاڻ وٽ گهرايو. اهي ٻئي چڱي ريت ڄاڻندا هئا ته جاگير جا ماڻهو مٿن ٿُڪن ٿا ۽ کين ڪڏهن به اڳواڻ نه مڃيندا. پر هيبت خان کين هڪ ريشمي ڄار ۾ ڦاسائيندي آڇ ڪئي: ”جيڪڏهن اوهان منهنجي هر ڪاري قانون تي اکيون ٻوٽي انگوٺو هڻندا ۽ منهنجي غيرقانوني قبضي کي صحيح قرار ڏيندا، ته مان اوهان ٻنهي کي اڌ اڌ وقت لاءِ جاگير جو ’مها-ڪمدار‘ مقرر ڪندس.“

Subscribe for free to continue reading

Enter your email and get every post from Kachahree - ڪچهري.
Already have an account? Sign in
© 2026 Mir Atta Muhammad Talpur · Privacy ∙ Terms ∙ Collection notice
Start your SubstackGet the app
Substack is the home for writing, podcasting, and media founders.