سراواڪ جي بدايو قبيلي جا ڳچيءَ وارا چوڙا
سونهن، سڃاڻپ ۽ انساني فطرت جو هڪ اڻلکو سفر
منهنجو سفر ملائيشيا جي رياست سراواڪ (Sarawak) جي مختلف علائقن جهڙوڪ ميري (Miri) ۽ ڪوچنگ (Kuching) سميت ڪيترن ئي ٻين ماڳن تائين رهيو آهي. سراواڪ پنهنجي اندر ڪيتريون ئي انوکيون ۽ حيران ڪندڙ ڳالهيون لڪائي ويٺو آهي، جن ۾ اتان جي قديم ثقافت ۽ مقامي روايتون سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڇڪائيندڙ آهن. اڄ، اچو ته اتان جي هڪ اهڙي ئي انوکي رسم تي ويچار ڪريون، جنهن ۾ عورتون پنهنجي ڳچيءَ ۾ ڌاتو جا ڳرا چوڙا پائينديون آهن.
هڪ پرديسي رسم ۾ پنهنجي عڪس جي ڳولا



