Kachahree - ڪچهري

Kachahree - ڪچهري

عالمي فڪر ۽ ڪتاب

رنگ سڪي ويو پر پهرو قائم آهي: بي مقصد ريتن جي ڪهاڻي

جڏهن منطق ختم ٿي وڃي ته عادتون عقيدو بڻجي وينديون آهن. اسان جي سرڪاري آفيسن کان گهرن تائين پکڙيل انڌي پيرويءَ جي نفسياتي حقيقت

Mir Atta Muhammad Talpur's avatar
Mir Atta Muhammad Talpur
Jun 18, 2026
∙ Paid

اسان جي سماج ۾ شاديءَ جي ڪا اهڙي رسم جنهن جو فائدو ڪنهن کي به معلوم نه ھجي یا اھڙيون ٻيون بي فائدا رسمون—اهي سڀ ڪنهن وڏي نفسياتي تماشي جو حصو آهن. انساني تاريخ جو هڪ عجيب الميو اهو آهي ته ڪنهن ڪم جو بنيادي مقصد وقت جي دز ۾ گم ٿي ويندو آهي، پر ان ڪم کي ڪرڻ جي عادت هڪ مقدس فرض بڻجي ويندي آهي. اسان بغير سوچڻ جي انهن رستن تي هلندا رهندا آهيون، جيڪي ڪنهن زماني ۾ ڪنهن عارضي ضرورت تحت ٺاهيا ويا هئا.

فوجي تاريخ جو هڪ مشهور سچو قصو هن انساني رويي جي بهترين عڪاسي ڪري ٿو. هڪ دفعي ڪنهن آفيسر هڪ ڪرسيءَ تي نئون رنگ لڳڻ کانپوءِ هڪ سپاهيءَ کي حڪم ڏنو ته هو ان جي ڀرسان پهرو ڏئي، ته جيئن رنگ سڪڻ تائين ڪو ان تي ويهي نه سگهي. اتفاق سان، ان آفيسر جي بدلي ٿي وئي ۽ هو نئين سپاهيءَ کي حڪم جو سبب ٻڌائڻ يا پهرو ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ وساري ويٺو. سپاهي پنهنجي حڪم جو پڪو هو، هو اتي ئي بيٺو رهيو. جڏهن نئون آفيسر آيو، تنهن ڏٺو ته هڪ سپاهي ڪرسيءَ جي حفاظت ڪري رهيو آهي. هن سوچيو ته اها ڪا تمام اهم ڊيوٽي هوندي، تنهنڪري هن ان سلسلي کي جاري رکيو. آفيسر بدلجندا رهيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ويھن پنجويهن سالن جيترو عرصو گذري ويو. سپاهين جا نسل بدلجي ويا، پر پهرو قائم رهيو. هو هڪ اهڙي ڪرسيءَ جي حفاظت ڪري رهيا هئا جنهن جو رنگ ڏهاڪا اڳ سُڪي چڪو هو ۽ ڪئين دفعا ٻيھر به اچي چڪو ھو. آخرڪار، هڪ بيباڪ آفيسر سسٽم تي سوال اٿاريو ۽ پڇيو ته ’هي سپاهي هتي ڇو بيھندو آهي؟‘ ڪنهن وٽ به ڪو منطقي جواب نه هو.

User's avatar

Continue reading this post for free, courtesy of Mir Atta Muhammad Talpur.

Or purchase a paid subscription.
© 2026 Mir Atta Muhammad Talpur · Privacy ∙ Terms ∙ Collection notice
Start your SubstackGet the app
Substack is the home for great culture