ٿر جي وارياسي رڻ پٽ ۾ جڏهن ڪو سياڻو ’کوجي‘ ڪنهن اڻڄاتل پير جو نشان ڏسندو آهي، ته هو رڳو ان پير جي شڪل ناهي ڏسندو؛ پر هو هوا جي رخ، کڙيءَ جي اونهائي ۽ چوڌاري ڇانيل خاموشيءَ کي پڙهندو آهي. کيس خبر هوندي آهي ته اهو نشان ڪا منزل ناهي، پر اهو لنگهي ويندڙ جي ارادي جو هڪ خاموش پيغام آهي. پاڪستان جي انيڪ سياسي رڻ پٽن ۾ ”سنڌ کي نون صوبن ۾ ورهائڻ“ جو اوچتو اٿيل غلغلو بلڪل اهڙو ئي هڪ هٿرادو ٺاهيل پير جو نشان آهي. هي نشان ان ڪري ناهي ڇڏيو ويو ته هو سنڌوءَ جي ڇاتيءَ تي ڪا حتمي ديوار اڏي چڪا آهن، پر هو پري ڪنهن مٿانهين ٽِبي تي ويهي، پنهنجي دوربينن ذريعي اهو ڏسي رهيا آهن ته هن قديم ڌرتيءَ جا وارث پنهنجي پيرن هيٺان کسڪندڙ واريءَ تي ڪهڙو ردعمل ڏين ٿا.
انتظامي بهتريءَ جو فريب ۽ اصل شڪار
حڪومتون ۽ طاقت جا ايوان پنهنجا سمورا پتا پهرين ئي نه کوليندا آهن. اهي سماج جي سمنڊ ۾ هڪ آزمائشي ڄار (Trial Balloon) اڇلائيندا آهن. اسان کي اهو پڙهايو پيو وڃي ته وڏي صوبي جو انتظام هلائڻ ڏکيو آهي، ان ڪري انتظامي بنيادن تي صوبن جو ٽٽڻ ضروري آهي. پر جي دنيا جي نقشي تي نظر ڊوڙائجي ته ڪيتريون ئي اهڙيون رياستون ۽ صوبا موجود آهن، جيڪي پکيڙ ۽ آباديءَ جي لحاظ کان پوري پاڪستان کان به ڪيترائي ڀيرا وڏا آهن، ۽ اتي جو عوامي توڙي انتظامي وهنوار شاندار طريقي سان هلي رهيو آهي.
اصل ڪهاڻي ضلعي آفيسن جي سهولت جي ناهي، پر ڳالهه ان کان گهڻي اونهي ۽ خطرناڪ آهي.
جيڪڏهن سنڌ جي جاگرافيءَ ۾ ڦيرڦار ٿئي ٿي، ته سڀ کان وڏو سوال اهو پيدا ٿيندو ته سنڌ جي سمنڊ، ڪراچيءَ جي بندرگاهن، ٿر جي ڪوئلي، بدين جي تيل، ۽ گئس جي ذخيرن جي مالڪي ڪنهن ڏانهن ويندي؟ وفاقي فنڊن (NFC ايوارڊ) جي ورهاست، ٽيڪس جي وصولي، پاڻيءَ تي اختيار، ۽ آباديءَ جي توازن جو ڇا ٿيندو؟ هي معاملو ڪنهن حدبنديءَ جو ناهي، پر هي هڪ تاريخي وطن جي وحدت کي ٽوڙي، ان جي سمورن قدرتي ۽ معاشي وسيلن کي سڌي ريت پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ جي خواهش جو حصو آهي.
جڏهن ڪاوڙ کي ’ڊيٽا‘ بڻايو وڃي
هتي هڪ نفسياتي راند کيڏي پئي وڃي. جيڪڏهن هن تجويز جو مقصد رڳو عوامي نبض جاچڻ آهي، ته پوءِ اسان جو انتهائي جذباتي، تڪڙو ۽ غير منظم ردعمل اصل ۾ ان منصوبي جي سرجنن کي اها سموري معلومات مفت ۾ ڏئي رهيو آهي، جيڪا هو چاهين ٿا. هو اهو ماپڻ گهرن ٿا ته سنڌي ماڻهو ڪيتري تيزيءَ سان متحرڪ ٿين ٿا؟ ڪهڙا سياسي اڳواڻ ماڻهن کي رستن تي آڻي سگهن ٿا؟ شهرن ۽ ٻهراڙين جو ردعمل ڪيئن مختلف آهي؟ ڇا سياسي پارٽين اندر ڏار پئجي سگهن ٿا؟
اسان جون دانهون، احتجاج ۽ ڪاوڙ سندن ڪمرن ۾ هڪ ’ڊيٽا‘ طور محفوظ ٿي رهي آهي ته جيئن مستقبل ۾ وڌيڪ سگهاري حڪمت عملي جوڙي سگهن. ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته سنڌين کي خاموش رهڻ گهرجي. بلڪه ان جو مطلب اهو آهي ته اسان جو جواب رڳو جذباتي نه، پر انتهائي شعوري ۽ حڪمت عمليءَ سان ڀرپور هجڻ گهرجي.
ذهنن کي هيرائڻ جو عمل: اوورٽن ونڊو
ڪنهن به غيرفطري ڳالهه کي بار بار دهرائڻ جو هڪ خاص نفسياتي مقصد هوندو آهي. جڏهن توهان ڪنهن قوم کي مسلسل اهو ياد ڏياريندا آهيو ته ”توهان جو صوبو ورهائجي سگهي ٿو“، ته ان جو اصل پيغام اهو هوندو آهي ته ”توهان جي جاگرافي، تاريخ ۽ سڃاڻپ اسان جي هٿ وس آهي، ۽ توهان ان جا حتمي مالڪ ناهيو.“
ڀلي هو اڄ صوبو نه به ٺاهين، پر اهي اهڙي بحث کي اسان جي ذهنن تي ايترو ته مسلط ڪرڻ چاهين ٿا جو سڀاڻي اهو خيال اسان کي عجيب نه لڳي. سياسي ٻوليءَ ۾ ان کي ’اوورٽن ونڊو‘ (Overton Window) چئبو آهي؛ جنهن ذريعي اڄ جي هڪ ’ناممڪن ۽ کل جوڳي‘ ڳالهه سڀاڻي جو ’سنجيده بحث‘ ۽ پرينءَ ڏينهن جو ’قابل عمل حل‘ بڻجي ويندي آهي. سنڌ جي جاگرافيائي سالميت کي وفاقي سياست جو هڪ عام سوديبازي وارو اوزار (Bargaining Chip) بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ته جيئن سنڌين تي سياسي ۽ نفسياتي دٻاءُ وجهي، انهن کان وسيلن ۽ سياسي حقن بابت ٻيون رعايتون حاصل ڪري سگهجن.
بچاءَ جي پوزيشن مان نڪري سوالن جو محاذ
ڪنهن وفاق اندر صوبائي حدن جي ڦيرڦار ڪو معمولي انتظامي حڪم ناهي هوندو، پر هي وفاق ۽ وفاقي ايڪاين جي وچ ۾ ٿيل تاريخي آئيني معاهدي، عوامي رضامندي، ۽ سياسي نمائندگيءَ جي بنيادن سان سڌي هٿ چراند آهي. اسان کي سياسي طور ايترو خوفزده نه ٿيڻ گهرجي جو اسان ڊپ ۾ اچي پنهنجي ئي خلاف ڳالهين جي ميز تي ويهي رهون.
سنڌ اندر انتظامي سڌارن، مقامي حڪومتن جي بااختياريءَ، ۽ هر ضلعي تائين وسيلن جي منصفاڻي ورهاست تي ڳالهائڻ لاءِ هر باشعور سنڌي تيار آهي. اهي پنهنجا اندروني معاملا آهن، پر سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ ٻي ڳالهه آهي. ان ڪري، بحث جو رخ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان جي بدران ته اسان رڳو اهو ثابت ڪندا رهون ته سنڌ ڇو نه ورهائجڻ گهرجي، اسان کي انهن کان سوال پڇڻ گهرجن ته: آخر هي ڳالهه هن مخصوص وقت تي ڇو پئي ڪئي وڃي؟ ان جي پويان ڪير آهي؟ ڪهڙين معاشي يا حڪومتي ناڪامين تان عوام جو ڌيان هٽائڻ لاءِ هي شوشو ڇڏيو ويو آهي؟
اسان کي رڳو اهو سوچي خوف ۾ مبتلا نه رهڻ گهرجي ته ڇا هو واقعي اهو قدم کڻندا جيڪو هو چئي رهيا آهن. پنهنجي سياسي شعور ۽ اجتماعي سياڻپ کي جاڳائيندي، اسان کي هاڻي پنهنجي وجود ۽ ان جي بچاءَ بابت انتهائي سگهاري آواز ۾ اهو سوال پڇڻ گهرجي ته:
آخر هو اسان کي اهو ڇو ٿا يقين ڏيارڻ چاهين ته سندن هٿن ۾ اسان جي وجود جي لڪيرن کي ڊاهڻ جي طاقت موجود آهي؟


