سمنڊ جي باهه ۽ سڪندڙ سنڌ: ڇا ’سپر ايل نينو‘ اسان جي بقا جو اھم امتحان آهي؟
پئسفڪ سمنڊ جي باهه، ڪيرالا جو روٺل مون سون ۽ سنڌ جي ٻرندڙ ميدانن جو احوال. ڇا اسان جا حڪمران ۽ عوام هن خاموش قيامت لاءِ تيار آهن؟
ساهه منجهائيندڙ گرمي ۽ سمنڊ جو بخار
سنڌ جي ٻرندڙ ميدانن کان وٺي ڪراچي جي گُهٽيل ساحلن تائين، هوا ڄڻ ته ساهه کڻڻ وساري ويٺي آهي. جڏهن دادو، جيڪب آباد، سکر، لاڙڪاڻي، شڪارپور، خيرپور، قمبر شهدادڪوٽ، شهيد بينظيرآباد ۽ گهوٽڪي ۾ گرمي پد 51 ڊگري سينٽي گريڊ جي هانءُ ڏاريندڙ حدن کي ڇهي ٿو، ۽ ٻئي طرف حيدرآباد کان وٺي عمرڪوٽ تائين 45 ڊگريءَ جي باهه وسي ٿي، ته انسان کي پنهنجي بيوسيءَ جو شدت سان احساس ٿئي ٿو.
ڪراچي ۾ جيتوڻيڪ ٿرماميٽر 42 ڊگريون ڏيکاري ٿو، پر 50 سيڪڙو کان وڌيڪ نمي ۽ سمنڊ جي بند ٿيل هوائن سبب اهو 52 ڊگريءَ جو عذاب بڻجي، پورهيتن، عورتن، ٻارن ۽ ضعيفن جو ساهه مٺيءَ ۾ ڪري ڇڏيو آهي. پر هيءَ رڳو ڪا مقامي موسم جي خرابي ناهي. هزارين ميل پري پئسفڪ سمنڊ جي اونهائين ۾ پاڻيءَ جو گرمي پد مٿي ٿي چڪو آهي. سائنسدان ان اٿندڙ باهه کي ’سپر ايل نينو‘ (Super El Niño) جو نالو ڏئي رهيا آهن، جيڪو ايندڙ سالن تائين اسان جي ڌرتيءَ جي بقا جو سخت ترين امتحان وٺندو.
روٺل مون سون جو الميو
ڏکڻ ايشيا ۾ زندگيءَ جي جياپي جو سمورو دارومدار ان مون سون تي هوندو آهي، جنهن جو پهريون پڙاءُ ڪيرالا جي ساحلن تي ٿيندو آهي. پر هن ڀيري، سپر ايل نينو جي اثر هيٺ، ڪيرالا ۾ مون سون جي موجودگي ئي هڪ خوفناڪ بي يقيني جو شڪار آهي.
روايتي ۽ تسلسل سان وسندڙ برساتن جو نظام ٽٽي چڪو آهي؛ ڪٿي ڪڪرن جو نالو نشان ناهي ته ڪٿي اوچتين طوفاني برساتن زمين کي ساهه کڻڻ جو موقعو ئي ناهي ڏنو. جڏهن ڪيرالا کان اٿندڙ اهي هوائون ئي زخمي ۽ رستا ڀليل هجن، ته سنڌ جي سڪل مٽي تائين پهچندي انهن وٽ ڏيڻ لاءِ خالي پڻي کانسواءِ ڇا بچندو؟
تاريخ جا رت سان لکيل پنا
جڏهن به سمنڊ جو بخار ڪر کڻندو آهي، تاريخ جا پراڻا ۽ رت سان لکيل پنا پاڻمرادو ڦڙڪڻ لڳندا آهن.
1876ع جي وساريل قيامت
سال 1876ع هو، جڏهن پئسفڪ سمنڊ مان اهڙي ئي هڪ گرم باهه اٿي هئي. مون سون روٺو رهيو، فصل سڙي خاڪ ٿي ويا، ۽ ننڍي کنڊ جي تاريخ جو سڀ کان خوفناڪ ڏڪار آيو، جنهن 55 کان 82 لک انسانن جون حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون.
سماجي ڪارڪن پنڊتا رامابائي ان قيامت جا منظر بيان ڪندي لکيو هو ته، ”اسان جهنگن ۾ وڃي مرڻ کي ترجيح ڏني، ڇاڪاڻ ته پنهنجن ئي ماڻهن اڳيان بک مرڻ شرم جو باعث هو.“ اهو اهڙو دل ڏاريندڙ دور هو، جو بکايل ماڻهن جي هجوم کان بچڻ لاءِ هڪ هڏين جو پڃرو بڻيل ماڻهو پنهنجي زال ۽ ٻارن جي چوڌاري پهرو ڏيندو هو، متان ڪو انهن کي ماري نه کائي وڃي.
تباهيءَ جا جديد روپ: زراعت کان بجليءَ جي بحران تائين
جيڪڏهن اها ئي تاريخ هن سپر ايل نينو جي صورت ۾ سنڌ اندر ٻيهر ورجائجي ٿي، ته ان جا نتيجا اسان جي تصور کان به وڌيڪ ڀيانڪ هوندا.
هي رڳو برسات نه پوڻ جو مسئلو ناهي رهيو. هي سپر ايل نينو هڪ اهڙي وقت ۾ اچي رهيو آهي جڏهن يوڪرين کان وٺي وچ اوڀر تائين جنگين جي باهه ٻري رهي آهي. عالمي سطح تي ڀاڻ جو بحران آهي ۽ خوراڪ جي فراهميءَ جا رستا ڪمزور ٿي چڪا آهن. جيڪڏهن خريف جا فصل سڙي ويا، ته اسان رڳو معاشي طور نه پر جسماني طور به تباهه ٿي سگھون ٿا. گرميءَ جي شدت سبب ايئرڪنڊيشنرن جو استعمال وڌندو، بجليءَ جي طلب وڌندي، پر پاڻيءَ جي شديد کوٽ سبب هائيڊرو پاور گرڊ جواب ڏئي سگھن ٿا، ۽ ملڪ اونداهيءَ ۾ ٻڏي سگهي ٿو. بک، اڃ ۽ وسيلن جي کوٽ سماج جي آخري تند پڻ ٽوڙي ڇڏيندي آهي، جنهن جو نتيجو رڳو غربت نه، پر خوني تڪرار ۽ سماجي بغاوتن جي صورت ۾ نڪرندو آهي. چورين ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ ته اڳ ۾ ئي واڌارو ڏسڻ ۾ پيو اچي.
بقا جو اڪيلو رستو: وڏڙن جي ڏاهپ يا اسان جي هٺ ڌرمي؟
پر هن اونداهي سرنگهه ۾ بقا جو هڪ رستو اڃا به موجود آهي، جيڪو اسان جي وڏڙن جي ڏاهپ جو ثبوت آهي.
1876ع جي ان عالمي ڏڪار ۾ دکن رياست جا لکين ماڻهو ان ڪري بچي ويا هئا جو اتي 18 هزار کان وڌيڪ مقامي تلاءَ ٺهيل هئا، جن مان لڳ ڀڳ 5 هزار تلاءَ ڏکي گهڙيءَ ۾ به جيئڻ جو سهارو بڻيا. اڄ، موسميات کاتو اسان کي خبردار ڪري ٿو ته صبح ڏهين کان شام چئين وڳي تائين اُس کان بچو ۽ پاڻي جو استعمال وڌايو—اهو انفرادي سطح تي ته ٺيڪ آهي، پر اجتماعي ۽ رياستي بقا لاءِ انتهائي ناڪافي آهي.
اسان کي قومي سطح تي ورهايل ۽ ڪمزور منصوبن بدران هڪ وسيع علائقائي حڪمت عملي جي ضرورت آهي. اسان کي پنهنجي ڳوٺن، شهرن ۽ واهن جي ڪنارن تي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جا مقامي طريقا ٻيهر زنده ڪرڻا پوندا. ڇو ته جڏهن سمنڊ جاڳندو آهي ۽ آسمان باهه وسائيندو آهي، تڏهن فطرت ڪنهن جون التجائون نه ٻڌندي آهي، اها رڳو انسان جي اڳواٽ تياري ڏسندي آهي. بچندا رڳو اهي آهن جيڪي سڪل ڏينهن ۾ پاڻيءَ جي هڪ ڦڙي ۽ وڻ جي هڪ ڇانوَ جي حقيقي قيمت کي سڃاڻي، ان کي اڄ ئي پنهنجي ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ سانڍيندا.
مير عطا محمد ٽالپور
ملاڪا، ملائيشيا


