ساهه منجهائيندڙ گرمي ۽ سمنڊ جو بخار
سنڌ جي ٻرندڙ ميدانن کان وٺي ڪراچي جي گُهٽيل ساحلن تائين، هوا ڄڻ ته ساهه کڻڻ وساري ويٺي آهي. جڏهن دادو، جيڪب آباد، سکر، لاڙڪاڻي، شڪارپور، خيرپور، قمبر شهدادڪوٽ، شهيد بينظيرآباد ۽ گهوٽڪي ۾ گرمي پد 51 ڊگري سينٽي گريڊ جي هانءُ ڏاريندڙ حدن کي ڇهي ٿو، ۽ ٻئي طرف حيدرآباد کان وٺي عمرڪوٽ تائين 45 ڊگريءَ جي باهه وسي ٿي، ته انسان…



