بدين جي پمپ کان هرمز جي لنگهه تائين
ڪراچيءَ جي بندرگاهه تي جڏهن تيل جا وڏا جهاز لنگر انداز ٿين ٿا يا بدين جي ڪنهن ننڍڙي پيٽرول پمپ تي جڏهن هڪ آبادگار پنهنجي ٽريڪٽر ۾ ڊيزل ڀرائي ٿو، ته ان وقت شايد اسان کي اهو احساس ناهي هوندو ته ان قيمت جو فيصلو اڄ کان ست ڏهاڪا اڳ تهراني گهٽين ۾ ٿيل هڪ خوني بغاوت ۾ لڪيل آهي. اسٽيفن ڪنزر جو ڪتاب اسان کي هڪ اهڙي تلخ حقيقت سان روشناس ڪرائي ٿو، جنهن کي بين الاقوامي سياست ۾ “وسيلن جي خودمختاري” چيو ويندو آهي. اڄ جو سڀ کان اهم سوال اهو ناهي ته دنيا ۾ تيل ڪيترو آهي، پر سوال اهو آهي ته ان تيل جي والي وارثي ڪنهن جي آهي؟ جڏهن به ڪنهن رياست پنهنجي زمين مان نڪرندڙ وسيلن تي پنهنجي عوام جو حق گهريو آهي، ته عالمي طاقتن جي بقا کي خطرو پيدا ٿي ويو آهي. اڄوڪي مقالي ۾ اسين ان جيوپوليٽيڪل نموني (Pattern) کي سمجهنداسين ته وسيلن جي قومي مالڪي ڪيئن عالمي طاقتن جي نظام سان ٽڪرائي ٿي.
تاريخي تجزيو: هڪ وزيراعظم جو ڏوهه ۽ هڪ سلطنت جي انا
1951ع ۾ جڏهن محمد مصدق ايران جي تيل کي قومي مالڪيءَ ۾ ورتو, ته اهو رڳو هڪ معاشي فيصلو نه هو، پر هڪ قديمي جيوپوليٽيڪل نظام کي چيلينج هو. اسٽيفن ڪنزر ڪتاب ۾ هڪ اهڙي حقيقت تان پردو کڻي ٿو جيڪا اڪثر عام ماڻهن کان ڳجهي رکي وئي آهي: برطانوي تيل ڪمپني (AIOC) ايران کي جيتري رقم رائلٽي طور ڏيندي هئي، ان کان وڌيڪ رقم اها ڪمپني “انڪم ٽيڪس” جي صورت ۾ برطانوي حڪومت کي ادا ڪندي هئي. مثال طور 1948ع ۾ ڪمپني 61 ملين پائونڊ ڪمايا، پر ايران کي صرف 9 ملين پائونڊ مليا، جڏهن ته برطانوي حڪومت 28 ملين پائونڊ ٽيڪس جي صورت ۾ پاڻ وٽ رکيا. مطلب ته ايران جي وسيلن تي ايران کان وڌيڪ برطانوي خزاني جو حق هو. مصدق جڏهن ان ناانصافيءَ خلاف آواز اٿاريو، ته هن دراصل ان جيوپوليٽيڪل قاعدي کي رد ڪيو جنهن موجب پسمانده ملڪن جو ڪچو مال طاقتور ملڪن جي صنعتي مشين کي هلائڻ لاءِ صرف هڪ “غلام وسيلو” هوندو آهي.
برطانيه لاءِ ايراني تيل رڳو پئسو نه، پر سندن بحري ٻيڙن جي طاقت ۽ عالمي حيثيت هئي. لنڊن جي اسٽريٽجڪ سوچ اها هئي ته جيڪڏهن ايران کي پنهنجي تيل تي اختيار ڏنو ويو، ته پوري دنيا ۾ نوآبادياتي نظام ويڙهجي ويندو. جڏهن برطانيه معاشي ناڪبندي (Embargo) ذريعي مصدق کي جهڪائي نه سگهيو, ته هن آمريڪا کي قائل ڪرڻ لاءِ هڪ “نئون بيانيو” تيار ڪيو. برطانوي ايجنٽ ڪرسٽوفر ووڊ هائوس چالاڪيءَ سان تيل جي بحث کي “ڪميونزم جي خطري” ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هتي جيوپوليٽيڪل سبق اهو ٿو ملي ته وڏيون طاقتون پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ هميشه هڪ اخلاقي يا سيڪيورٽي وارو جواز (Pretext) پيدا ڪنديون آهن، ته جيئن اهي ڪنهن ٻئي جي وسيلن تي قبضو برقرار رکي سگهن.
موجوده تناظر: ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي ڇڪتاڻ
اڄ جڏهن اسين ايران تي لڳل عالمي پابندين کي ڏسون ٿا، ته اهي دراصل 1951ع واري برطانوي ناڪبنديءَ جو ئي هڪ ترقي يافته روپ آهن. اڄوڪي دور ۾ اسرائيل جي اسٽريٽجڪ پريشاني اها ناهي ته ايران وٽ رڳو هٿيار آهن، پر اها آهي ته ايران پنهنجي تيل ۽ گئس جي وسيلن کي علائقائي اثر (Regional Reach) وڌائڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. واشنگٽن اڄ به انهيءَ پراڻي خوف ۾ مبتلا آهي ته جيڪڏهن ايران جهڙي رياست پنهنجي وسيلن تي مڪمل طور خودمختيار ٿي وئي ۽ عالمي مالياتي نظام کان ٻاهر نڪري وئي، ته اها پوري خطي جي طاقت جو توازن بگاڙي ڇڏيندي.
ايران جي موجوده قيادت به 1953ع واري واقعي کي هڪ سياسي سبق طور ياد رکي ويٺي آهي. انهن لاءِ اولهه تي بي اعتباري رڳو نظرياتي ناهي، پر ان جو بنياد ان تاريخي تجربو تي آهي ته اولهه ڪنهن به اهڙي قيادت کي برداشت نٿو ڪري جيڪا پنهنجي ملڪ جي قدرتي وسيلن تي عالمي ڪمپنين جو قبضو ختم ڪرڻ چاهي. اسرائيل لاءِ ايران جي معاشي ناڪامي ان ڪري ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته وسيلن جي خودمختاري ئي ايران کي هڪ مضبوط علائقائي طاقت بڻائي ٿي.
سنڌ تي اثر: عربي سمنڊ ۽ معاشي سلامتي
هاڻي اسين جڏهن پنهنجي اوطاقن ۾ ويهي هن بحث کي ڏسون ٿا، ته اسان کي لڳندو ته هي ته رڳو ايران ۽ آمريڪا جو جهيڙو آهي. پر حقيقت ۾ سنڌ جي معيشت هن سڄي راند سان هڪ گهري تند سان ٻڌل آهي.
توانائيءَ جي قيمت: جيڪڏهن ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي ٿي ۽ هرمز جو لنگهه (Strait of Hormuz) متاثر ٿئي ٿو، ته ان جو سڌو اثر ڪراچي جي مارڪيٽ تي پوندو. تيل جي قيمت ۾ واڌ اسان جي زراعت جي لاڳت کي وڌائي ڇڏيندي، جنهن سان سنڌ جو هاري وڌيڪ قرضن جي ڄال ۾ ڦاسي پوندو.



