تهذيبي آپگهات: وچ اوڀر ۾ ايٽمي جنگ جو خطرو ۽ اسان جي بقا
ھيءَ هڪ تلخ پر اٽل حقيقت آهي ته اسرائيل ۽ آمريڪا هيءَ جنگ عملي طور هارائي چڪا آهن. اڄ هو ان ڪوشش ۾ آهن ته ڪنهن نموني هڪ ”معزز“ رستو ڳولي هن گهيري مان ٻاهر نڪرن، پر هو ان ۾ مسلسل ناڪام ٿي رهيا آهن. هيءَ ناڪامي انهن ملڪن جي عوام جي ناهي، پر ان نرگسيت پسند، جنوني ۽ هٺيلي قيادت جي آهي، جيڪا پنهنجي انا کي بچائڻ لاءِ ڪنهن رياستي مدبر بدران هڪ گينگسٽر جهڙي ذهنيت سان سوچي رهي آهي. تاريخ شاهد آهي ته جڏهن شڪست سامهون بيٺي هجي ته رڳو فوجي حڪمت عملي ڪم ناهي ايندي، پر اتي قيادت جو ظرف پرکبو آهي. اڄ جو سڀ کان وڏو خطرو اهو آهي ته پنهنجي ناڪاميءَ کي لڪائڻ ۽ پاڻ کي اڃا تائين فاتح ثابت ڪرڻ جي جنون ۾، اسرائيل ڪو اهڙو انتهائي ۽ تباهه ڪندڙ قدم کڻي سگهي ٿو جيڪو سڄي انسانيت لاءِ قيامت بڻجي سامهون اچي.
موجوده سنگين جنگي صورتحال ۽ بدلبو منظرنامو ڏسي، مون ڪالهه ايٽمي هٿيارن جي استعمال جي امڪانن جو تمام گهريءَ ذميواريءَ سان جائزو ورتو آهي. جڏهن مان ڏسان ٿو ته هڪ سخت زخمي پهلوان، يعني ايران، هن معرڪي مان فاتح ٿي اڀري رهيو آهي، تڏهن مون کي گهرو احساس ٿئي ٿو ته سندس دشمنن کي هاڻي پنهنجو منهن بچائڻ لاءِ ڪنهن وڏي ”فيصلي ڪن“ وار جي ضرورت آهي. ايٽمي جنگ جو هڪ ننڍڙو پر يقيني امڪان هاڻي موجود آهي. جيڪڏهن اهو واقعو ٿيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ اهو ئي سوال آهي جنهن مون کي مجبور ڪيو ته مان هن موضوع تي موجود تمام علمي، فني ۽ فوجي لٽريچر کي هڪ ذميوار سنڌي طالب علم طور پڙهان ۽ ان جو تت پنهنجي ماڻهن تائين پهچايان ته جيئن اسان جو شعور رڳو سياسي لفظن تائين محدود نه رهي، پر ان ايندڙ هيبت کي محسوس ڪري سگهي.
ايران جي ايٽمي صلاحيت ۽ نيتن ياهو جو جنون
اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته نيتن ياهو جي قيادت ۾ اسرائيل، رڳو پنهنجي انا کي تسڪين ڏيڻ ۽ شڪست جي تاثر کي ختم ڪرڻ لاءِ تهران يا ڪنهن ٻئي ايراني شهر تي ايٽمي حملي جو سوچي سگهي ٿو. هي قدم ڪنهن فوجي ضرورت تحت نه، پر نفسياتي طور هڪ هارايل ذهن جو آخري ۽ خطرناڪ وار هوندو. ايران هن وقت هڪ اهڙي رياست بڻجي چڪو آهي جيڪا ايٽمي هٿيارن جي بلڪل چائنٺ تي بيٺي آهي. ايران وٽ هن وقت 60 سيڪڙو تائين صفا ڪيل يورانيم هيڪسافلورائيڊ جا اهڙا ڪنٽينر موجود آهن جن مان گهٽ ۾ گهٽ 10 کان 11 ايٽم بم تيار ڪري سگهجن ٿا. هي 60 سيڪڙو صفا ٿيل يورانيم رڳو ڪجهه هفتن يا ڏينهن جي مختصر مدي ۾ 90 سيڪڙو تائين پهچائي هٿيارن جي استعمال جوڳو بڻائي سگهجي ٿو.
ايران وٽ سينٽريفيوجز جا اهڙا ڪيترائي ڪيسڪيڊس موجود آهن، جن کي هو پنهنجي زمين دوز سرنگهن ۾ استعمال ڪري سگهي ٿو. فني طور تي هي ڪو اهڙو وڏو ڪم ناهي جنهن لاءِ ڪي وشال ڪارخانا گهربل هجن؛ ايران اهي هٿيار رڳو ڪجهه سوين چورس ميٽر جي زمين دوز جاءِ ۾ تيار ڪري سگهي ٿو. تاريخي طور هيروشيما تي ڪيرايل بم به ڪڏهن اڳواٽ تجربي مان نه گذريو هو، تنهنڪري ايران کي پنهنجي دفاع لاءِ ڪنهن ايٽمي ڌماڪي جي تجربي جي به ضرورت ناهي. جيڪڏهن ايران جي بقا کي خطرو ٿيو ته هو پنهنجي نظريي تحت ان کي استعمال ڪرڻ ۾ هڪ پل به دير نه ڪندو.
ايٽمي ڌماڪو: تباهيءَ جو هڪ هولناڪ منظر
اچو ته هڪ لمحي لاءِ تصور ڪريون ته جيڪڏهن اسرائيل هڪ گهٽ شدت وارو ايٽمي بم تهران جي مٿان استعمال ڪري ٿو ته ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ ايٽمي ڌماڪي جي پهرين سيڪنڊ جي لکين حصي ۾ ايتري توانائي خارج ٿئي ٿي جو هوا جو گرمي پد لکن درجن تائين پهچي وڃي ٿو. هي گرمي پد سج جي سطح کان به وڌيڪ هوندو آهي. ايٽمي گولو هڪ تيز رفتار پسٽن وانگر هوا کي پري ڌڪي ٿو، جنهن سان پيدا ٿيندڙ شاک ويو (Shockwave) شهر جي وڏين عمارتن کي مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿي. پر اصل تباهي باهه جي طوفان سان شروع ٿئي ٿي. ايٽمي ڌماڪي کان پوءِ جيڪا باهه لڳي ٿي، اهار عام باهه ناهي هوندي، پر هڪ اهڙو طوفان هوندو آهي جتي هوائون طوفاني رفتار سان مرڪز ڏانهن گهلجڻ لڳن ٿيون، جنهن کي ”آرڪميڊس پرنسپل“ چئجي ٿو. شهر جا روڊ رستا اٻرندڙ تيزاب جهڙي اسفالٽ سان ڀرجي وڃن ٿا ۽ پناهه گاهون (Shelters) تندور بڻجي وڃن ٿي، جتي انسان جيئرا پچي خاڪ ٿي وڃن ٿا.
پر ايران هٿ ٻڌي خاموش نه ويهندو. جيڪڏهن تهران تي حملو ٿيو ته ايران جي جوابي ڪارروائي (Retaliation) اسرائيل جهڙي ننڍڙي ملڪ کي مڪمل طور تي مٽائي ڇڏيندي. اسرائيل جو جاگرافيائي حجم تمام ننڍڙو آهي ۽ آبادي تمام گهڻي گهاٽي آهي، جنهنڪري ايران جا ٻه يا ٽي بم ئي اسرائيل جي وجود کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. هي رڳو ٻن ملڪن جي جنگ نه رهندي، پر هي سڄي عالمي نظام جي تباهي ۽ هڪ نئين ايٽمي افراتفريءَ جو آغاز هوندو.
پاڪستان تي اثر: ’ڪارو مينهن‘ ۽ تابڪاري
ايٽمي جنگ جون سرحدون ناهن هونديون، ۽ ان جو سڀ کان خطرناڪ اثر پاڙيسري ملڪن جهڙوڪ پاڪستان تي پوندو. جڏهن ايٽمي ڌماڪا ٿين ٿا، ته فضا ۾ هڪ ”ڪارو مينهن“ (Black Rain) پيدا ٿئي ٿو. هي مينهن رڳو پاڻي ناهي، پر ان ۾ انتهائي زهريلي تابڪاري، هائڊروجن سلفائيڊ ۽ ڪاربان جا ذرا هوندا آهن، جيڪي هوائن ذريعي هزارين ميل پري تائين سفر ڪندا آهن. پاڪستان جيڪو ايران جو پاڙيسري ملڪ آهي، ان جي فضا هن زهر سان ڀرجي ويندي. تابڪاريءَ جا ذرا اسان جي کيتن، پاڻيءَ جي ذخيرن ۽ انساني جسمن ۾ داخل ٿي ويندا. تابڪاريءَ جو شڪار ٿيل ماڻهو فوري طور تي نه، پر ڪجهه هفتن اندر هڪ اهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويندا، جتي خون ڄمڻ جي صلاحيت وڃائي ويهندو (Coagulation Failure). انسان اندريون رت وهڻ ۽ انفڪشن سبب انتهائي تڪليف ۾ دم ڏيندو.
هيءَ جنگ سڄي دنيا جي معيشت کي هڪ لمحي ۾ تباهه ڪري ڇڏيندي. وچ اوڀر مان تيل ۽ گيس جي فراهمي بند ٿيڻ سان عالمي معيشت ويهي رهندي، ۽ بحيره روم (Mediterranean) کان وٺي سنڌو ماٿريءَ تائين هر جڳهه افرا تفري جو شڪار هوندي. آمريڪي عوام اڳ ئي اسرائيل جي هن جنون کان بيزار ٿي چڪو آهي ۽ هو ٻيهر ڪنهن اهڙي جنگ ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار ناهن، جيڪا انهن جي پنهنجي وجود کي مٽائي ڇڏي. آمريڪا ۾ رهندڙ يهودي پڻ هاڻي اسرائيل جي هن خونريزيءَ کان منهن موڙي رهيا آهن.
هڪ تهذيبي آپگهات يا بقا؟
اسان کي اها ڳالهه سمجهڻي پوندي ته ايٽمي هٿيارن جو استعمال فتح ناهي، پر هي هڪ تهذيبي آپگهات (Civilizational Suicide) آهي. جنگيون رڳو ميدانن تي نه، پر ذهنن ۽ انائن جي گهرائين ۾ هارايون وينديون آهن. اڄ جڏهن انسانيت اهڙن اڳواڻن جي هٿن ۾ آهي، جيڪي ذلت جي شڪست کان بچڻ لاءِ پوري ڌرتيءَ کي مقتل بڻائڻ لاءِ تيار آهن، تڏهن اسان جي خاموشي هڪ ڏوهه آهي. وچ اوڀر ۾ لڳل هيءَ باهه رڳو اتي محدود نه رهندي، پر ان جون لهرون پاڪستان ۽ سنڌ جي وارياسي مٽيءَ تائين پهچڻ ۾ دير نه ڪنديون.
پڄاڻيءَ ۾، هي هڪ گهرو سڏ آهي عالمي عقل ۽ دانائيءَ لاءِ. ايٽمي جنگ کي روڪڻ هاڻي رڳو حڪومتن جو ڪم ناهي، پر هي هر ان فرد جي ذميواري آهي جنهن کي انسانيت جو درد آهي. اسان کي هڪ اهڙي عالمي لهر جي ضرورت آهي جيڪا انهن هٺيلن اڳواڻن کي ٻڌائي سگهي ته ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جو اصول ئي بقا جو واحد رستو آهي. اڄ جو سڀ کان وڏو جهاد انساني بقا کي بچائڻ آهي. جيڪڏهن اڄ اسان عقل جو دامن ڇڏي ڏنو، ته سڀاڻي شايد ڪو اهڙو مورخ به نه هوندو جيڪو اسان جي هن اجتماعي بيوقوفيءَ جو احوال لکي سگهي. وقت تيزيءَ سان گذري رهيو آهي، ۽ قيامت هاڻي ڪنهن پري جي ڳالهه ناهي، پر اها انهن انا پرستن جي آڱرين هيٺان دٻيل ايٽمي بٽڻن ۾ لڪل آهي. اسان کي عقل ۽ سجاڳيءَ جي رستي تي واپس اچڻو پوندو، ان کان اڳ جو رڳو رک ۽ سناٽو اسان جي تهذيب جي سڃاڻپ بڻجي وڃي.


