ٿر جي رڻ پٽ ۾ تپندڙ ٻپهرن جو هڪ عجيب منظر هوندو آهي. مسافر کي پري کان چمڪندڙ واريءَ ۾ پاڻيءَ جو تلاءُ نظر ايندو آهي، پر جڏهن هو ويجهو پهچندو آهي ته اتي رڳو ساڙيندڙ واريءَ جا ذرا هوندا آهن. فلسفي جي ٻوليءَ ۾ ان کي ‘رڃ’ يا ’سراب‘ چئبو آهي.
اسان جي روزاني بحثن ۾ به اڪثر اهڙا سراب پيدا ڪيا ويندا آهن، جتي عقل ۽ منطق کي اوچتو غائب ڪري رڳو ’جيت جو ڀُلائيندڙ ڏيک‘ باقي رکيو ويندو آهي. اسان سڀني اهڙي صورتحال کي منهن ڏنو آهي، جتي اسان جو سامهون وارو دليل ۾ مڪمل طور هارائڻ جي باوجود اوچتو اهڙي رڙ ڪري ٿو يا ميز تي هٿ هڻي ٿو، جو ٻڌندڙن کي لڳندو آهي ته شايد هو ئي سچو هو. هي رڳو هڪ اتفاق ناهي، پر آرٿر شوپنهاور جي لفظن ۾ اها ”فطري چالاڪي“ آهي، جنهن جو مقصد سچ تائين پهچڻ ناهي پر رڳو پنهنجي انا جي پڃري کي محفوظ رکڻ هوندو آهي.
فڪري سجاڳي
شوپنهاور اسان کي خبردار ڪري ٿو ته انسان فطري طور تي ’سچائيءَ جو طلبگار‘ هئڻ بدران ’پنهنجي ڳالهه مٿانهين رکڻ جو شوقين‘ هوندو آهي. جڏهن بحث جي ميدان ۾ سچ جا رستا بند ٿي ويندا آهن، تڏهن اهڙيون چالون استعمال ڪيون وينديون آهن جيڪي ٻڌندڙن جي عقل کي ڌوڙ ۾ لٽي ڇڏينديون آهن. اڄ اسان انهن مخصوص طريقن کي سڃاڻڻ سکنداسين، جيڪي سڌي رستي تي هلندڙ بحث کي اوچتو گمراهيءَ جي پيچرن تي چاڙهي ڇڏيندا آهن.
1. هار کي جيت ۾ بدلائڻ جو جادو (چال نمبر 14)
هيءَ هڪ اهڙي بيحيائيءَ واري چال آهي، جنهن ۾ سامهون وارو شخص دليلن جي ميدان ۾ مڪمل طور تي شڪست کائڻ جي باوجود، نهايت رعبدار آواز ۾ ائين نتيجو ٻڌائيندو آهي ڄڻ هن ئي معرڪو ماريو هجي. شوپنهاور لکي ٿو ته جيڪڏهن سامهون وارو ماڻهو مصلحت پسند آهي ۽ توهان جو آواز بلند آهي، ته هيءَ چال اڪثر ڪامياب ٿي ويندي آهي.
سکيا: اسان جي اوطاقن يا شهرن جي بحثن ۾ اڪثر اهو ٿيندو آهي ته جڏهن ڪو بااثر ماڻهو لاجواب ٿيندو آهي، ته هو بحث جي آخر ۾ بنا ڪنهن ثبوت جي چوندو آهي، ”سائين، توهان کي ته ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي، اڄ حق ظاهر ٿي ويو!“ ان وقت رڙين کان مرعوب ٿيڻ بدران، سجاڳ ماڻهوءَ کي گهرجي ته هو ان ’جعلي فتح‘ کي چيلنج ڪري.
2. مخالف جي سوچ کي ئي ڦاهي بڻائڻ (چال نمبر 5)
ڪڏهن ڪڏهن توهان کي ڪا ڳالهه ثابت ڪرڻ لاءِ اهڙن مفروضن جو سهارو وٺڻو پوندو آهي، جيڪي سامهون وارو ماڻهو سچ مڃيندو هجي، ڀلي توهان جي نظر ۾ اهي غلط هجن. ان کي شوپنهاور چوي ٿو ته مخالف جي پنهنجي سوچ کي سندس خلاف استعمال ڪريو.
سکيا: فرض ڪريو توهان جو مقابلو ڪنهن اهڙي شخص سان آهي جيڪو ڪنهن خاص گروهه جي هر ڳالهه کي آخري سچ سمجهي ٿو. توهان پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ لاءِ کيس چوندؤ، ”جيئن ته توهان جو پنهنجو منشور يا عقيدو هن اصول جي حمايت ڪري ٿو، ان ڪري توهان کي منهنجي اها ڳالهه مڃڻي پوندي“. هتي توهان سچائيءَ تي بحث ناهيو ڪري رهيا، پر مخالف جي ذهني حدن کي سندس لاءِ هڪ اهڙو قيد خانو بڻائي رهيا آهيو، جنهن مان نڪرڻ کيس پنهنجي وفاداريءَ سان غداري لڳندو.
3. نتيجن جي معنيٰ مٽائڻ يا ”سلوجزم“ جو ڄار (چال نمبر 24)
هڪ ماهر چالاڪ ماڻهو هميشه توهان جي ڳالهه مان اهڙا نتيجا ڪڍندو آهي، جيڪي توهان جو مطلب ئي ناهن هوندا. فلسفي ۾ ان کي غلط نتيجو ڪڍڻ چيو ويندو آهي، جتي توهان جي سادي ڳالهه کي ٽوڙي مروڙي هڪ خطرناڪ يا مضحڪ خيز شڪل ڏني ويندي آهي.
سکيا: جيڪڏهن توهان چئو ٿا ته ”اسان جي شهر جي صفائيءَ جو نظام بهتر ٿيڻ گهرجي،“ ته مخالف فوري طور چوندو، ”توهان جو مطلب آهي ته هينئر تائين جيڪي ماڻهو خدمت ڪري رهيا آهن اهي بدعنوان آهن؟“ هيءَ چال دراصل توهان کي دفاعي پوزيشن تي آڻڻ لاءِ هوندي آهي ته جيئن توهان اصل مسئلو ڇڏي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ ۾ لڳي وڃو.
سنڌ جي لڪل حقيقتن جو تجزيو



