Kachahree - ڪچهري

Kachahree - ڪچهري

سمنڊ کي لغام ۽ پياس جي جاگرافي: گجرات جو تجربو

ڇا پاڙيسري رياست سمنڊ ۾ مٺي پاڻي جو سڀ کان وڏو ذخيرو ٺاهي سگهندي، ۽ سنڌ جي سڪل ڊيلٽا لاءِ ان ۾ ڪهڙو پيغام لڪل آهي؟

Mir Atta Muhammad Talpur's avatar
Mir Atta Muhammad Talpur
Jul 28, 2026
∙ Paid

انساني ذهن جي ترقي ان ڳالهه مان ماپي ويندي آهي ته هو پنهنجي خوف کي ڪيئن ٿو قابو ڪري. اسان جي خطي ۾، جتي اڪثر حڪمرانن جي سموري ذهانت رڳو اقتدار جي ڪرسيءَ جي پاون کي مضبوط ڪرڻ تي خرچ ٿئي ٿي، اتي اسان جي بلڪل پاڙيسري رياست گجرات پنهنجي بقا لاءِ هڪ نئين تاريخ لکڻ وڃي رهي آهي. مون تازو ئي پاڙيسري ملڪ جي هڪ انتهائي حيران ڪندڙ تحقيقي رپورٽ پڙهي، جنهن جا تفصيل مون کي روڪي بيٺا. ڳالهه سياسي اختلافن جي ناهي؛ آئون ذاتي طور تي نريندر مودي جي اڪثر سياسي روين سان سخت اختلاف رکان ٿو، پر جڏهن ڪا قيادت پنهنجي ايندڙ نسلن جي اڃ اجهائڻ لاءِ سمنڊ جي سيني تي ليڪون ڇڪڻ جو فيصلو ڪري، ته ان ذهنيت جو مطالعو ڪرڻ ضروري ٿي پوندو آهي.

گجرات جي ڏکڻ ۾ موجود کڀاٺ جي نار (Gulf of Khambhat) ۾ سمنڊ جو پاڻي ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا 11 ميٽرن تائين مٿي چڙهي ۽ لهي ٿو. ان انتهائي خوفناڪ ۽ خطرناڪ سامونڊي ماحول ۾ ڀارت 60 ڪلوميٽرن جو هڪ ديوار نما بند (Dam) ٺاهڻ وڃي رهيو آهي. اهو منصوبو، جنهن کي ”ڪلپسر“ (Kalpasar) چيو وڃي ٿو، عربي سمنڊ جي هڪ وڏي حصي کي ڪٽي، دنيا جي سڀ کان وڏي مٺي پاڻي جي ذخيري ۾ تبديل ڪندو.

Share

اڌ صديءَ جو خواب ۽ سمنڊ جي تسخير

هي خيال ڪو راتواهه نه ڄائو هو. پهرين ڀيري 1975ع ۾ اهو پيش ڪيو ويو، پر ان جي قيمت ۽ انجنيئرنگ جا خطرا ايڏا وڏا هئا جو 50 سالن تائين اهو رڳو ڪاغذن جو پيٽ ڀريندو رهيو. نيٺ مئي 2026ع ۾، هالينڊ (نيدرلينڊز) جي دوري دوران، ان خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ معاهدو ڪيو ويو آهي.

هالينڊ دنيا جو اهو واحد ملڪ آهي، جنهن پاڻي سان وڙهڻ ۾ پنهنجي بقا ڳولي. هنن 1932ع ۾ 32 ڪلوميٽرن جو ”افسلوئٽڊيڪ“ (Afsluitdijk) نالي بند ٺاهي پنهنجي سمنڊ جي هڪ حصي کي مٺي پاڻي جي ڍنڍ ۾ تبديل ڪيو هو. پر گجرات جو هي منصوبو ان کان ٻيڻو وڏو آهي، جتي سامونڊي طوفانن جو خطرو آهي، ۽ زلزلي جي فالٽ لائن پڻ موجود آهي. 14 ارب ڊالرن (1.33 لک ڪروڙ رپين) جي لاڳت واري هن منصوبي جو بنيادي مقصد اهو آهي ته نرمدا، ماهي، سابرمتي ۽ ڍاڍر ندين مان وهي سمنڊ ۾ ضايع ٿيندڙ کاري پاڻي کي روڪي، 2000 چورس ڪلوميٽرن تي ٻڌل هڪ هٿرادو ڍنڍ ٺاهجي، جنهن ۾ 8 ارب ڪيوبڪ ميٽر مٺو پاڻي جمع ٿي سگهي. ان مان نه رڳو لکين هيڪٽر زمين آباد ٿيندي، پر سوراشٽر جهڙي سدائين ڏڪار سٽيل علائقي جو مقدر به بدلجي ويندو.

User's avatar

Continue reading this post for free, courtesy of Mir Atta Muhammad Talpur.

Or purchase a paid subscription.
© 2026 Mir Atta Muhammad Talpur · Privacy ∙ Terms ∙ Collection notice
Start your SubstackGet the app
Substack is the home for great culture