ڪارو ڪاريءَ جهڙين وحشي رسمن کان وٺي روزمرهه جي ٺڳيءَ تائين، انساني ذهن جي ان ڳجهي چالاڪيءَ جو پتو لڳايو جنهن اسان جي سماج کي کائي ڇڏيو آهي.
ڪنهن پراڻي تاريخي بازار جي گهٽيءَ ۾ ويٺل ان کٽيءَ يا رنگريز جو تصور ڪريو، جنهن جي آڏو مختلف رنگن جا وڏا ڪونارا ۽ ديڳڙا رکيل آهن. هو هڪ اهڙي ڪپڙي کي هٿ ۾ کڻي ٿو جنهن تي گپ، مٽي ۽ لڳل رت جا پراڻا داغ آهن. هو ان ڪپڙي کي ڌوئي صاف ڪرڻ بدران، ان کي ڪنهن تيز، ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگ واري ديڳڙي ۾ ٻوڙي ڇڏي ٿو. جڏهن اهو ڪپڙو سڪي ٻاهر اچي ٿو، ته ان تي لڳل سمورا غليظ داغ لڪي وڃن ٿا ۽ اهو هڪ نئين، چمڪندڙ ۽ دلڪش ويس جي شڪل اختيار ڪري وٺي ٿو. ان رنگ ٿيل ڪپڙي کي پائڻ وارو به ان جي ظاهري خوبصورتيءَ ۾ گم ٿي اهو وساري ويهي ٿو ته هن رنگ جي پويان ڪهڙي غلاظت ۽ بدبوءِ لڪيل آهي.
اسان جو انساني ذهن به بلڪل ان ماهر رنگريز وانگر ئي ڪم ڪري ٿو. انسان جي اندر ۾ فطري طور تي سٺي ۽ خراب جي سڃاڻپ جو هڪ پيمانو موجود هوندو آهي، جنهن جي ڪري هو ڪو به برو ڪم ڪرڻ وقت بيچيني محسوس ڪندو آهي. پر جڏهن مفاد، مجبوري يا خواهشون هاوي ٿي وڃن ٿيون، ته اهو ذهن پنهنجي عملن کي صاف ڪرڻ بدران، انهن تي ”پوترتا ۽ نيڪيءَ جو رنگ“ چاڙهي ڇڏيندو آهي.
جديد نفسيات جي وڏي نالي، البرٽ بنڊورا پنهنجي مطالعي جي ٻئي حصي ۾ ذهن جي هن ئي پراسرار دوکي کي ”رويي جي تبديليءَ جو مرڪز“ (The Behavioral Locus) قرار ڏنو آهي. هن نظريي جو سادو مطلب اهو آهي ته اسان جو ذهن غلط ڪمن کي هضم ڪرڻ لاءِ هڪ شاندار نفسياتي ڪارخانو لڳائي ويٺو آهي. ان ڪارخاني جو ڪم اهو آهي ته هو ڏوهه، ظلم ۽ بي ايمانيءَ واري خام مال کي پنهنجي مشينن مان گذاري، ان کي ”مقدس عمل“ جي شڪل ۾ پئڪ ڪري اسان جي سامهون پيش ڪري ٿو، ته جيئن اسين اهو ڪم ڪندي پاڻ کي گنهگار نه، پر ثواب جا حقدار سمجهون. ذهن هن ڪارخاني اندر ٽي مکيه هٿيار استعمال ڪندو آهي.
هن ذهني ڪارخاني جو پهريون هٿيار ”اخلاقي، سماجي يا معاشي جواز“ (Moral Justification) آهي. هي اهو جادو آهي جيڪو ڏوهه کي فرض جو نالو ڏئي ٿو. پنهنجي سنڌي سماج جي روزمره جي روين تي نظر وجهو. اڄڪلهه اسان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ’ڪارو ڪاري‘ جي نالي تي پنهنجي ئي رت جي نياڻين کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو پيو وڃي. جڏهن ڪو ڀاءُ يا پيءُ پنهنجي ئي ڌيءَ يا ڀيڻ جو ساهه مٺ ۾ گهٽي ٿو يا مٿس گوليون وسائي ٿو، ته ڇا ان مهل سندس هٿ ڏڪندا آهن؟ ڇا کيس رات جو پڇتاءُ ٿيندو آهي؟ بلڪل نه. ڇاڪاڻ ته هن جي ذهن ان خوني ۽ وحشي عمل تي ”غيرت، خاندان جي عزت ۽ روايتن جي پاسداري“ جو اهڙو پڪو رنگ چاڙهي ڇڏيو آهي، جو هو پاڻ کي ڪنهن قاتل جي روپ ۾ نه، پر هڪ اهڙي عظيم محافظ جي روپ ۾ ڏسندو آهي، جنهن پنهنجي قبيلي جي پڳ کي مٽيءَ ۾ رلڻ کان بچائي ورتو هجي. هو اهو وساري ويهندو آهي ته هن هڪ معصوم جان ورتي آهي، بلڪه هو پنهنجي ان وحشت کي داغ ڌوئڻ وارو عمل سمجهندو آهي. اهو ئي نفسياتي فريب کيس سماج جي سامهون فخر سان ڪنڌ مٿي ڪري هلڻ جو ڪوڙو حوصلا ڏيندو آهي.
ان ذهني فريب جو دائرو رڳو اسان جي سماج تائين محدود ناهي، عالمي سطح تي ڏسو ته صهيوني رياست طرفان فلسطينين جي مسلسل نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي. جڏهن صهيوني فوجي غزا جي معصوم ٻارڙن ۽ عورتن تي بمباري ڪري انهن جا لاش ڪيرائين ٿا، ته ڇا اهي رات جو بيچين ٿيندا آهن؟ هرگز نه، هو پرسڪون ننڊ سمهندا آهن. ڇو ته انهن جي ذهن پنهنجي ان وحشت ۽ دهشتگرديءَ کي ”مقدس جنگ“، ”پنهنجي دفاع جو حق“ ۽ ”تاريخي بقا“ جو نالو ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن مذهبي انڌپڻي يا نسلي غرور ۾ ڪو ڪنهن معصوم جو رت وهائي ٿو، ته سندس ذهن ان کي دهشتگردي نه پر هڪ عظيم مقصد جو حصو سمجهي ٿو. جڏهن ظلم کي حق ۽ برائيءَ کي سچائي سمجهيو وڃي، ته پوءِ انسانيت مري ويندي آهي ۽ پشيمانيءَ جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.
ان ذهني ڌوڪي جو ٻيو ۽ انتهائي دلچسپ طريقو آهي ”فائدي واري ڀيٽ“ (Advantageous Comparison). انسان پنهنجي ننڍي ڪارنهن کي لڪائڻ لاءِ ان جي ڀرسان ٻين جي وڏي ڪارنهن جي لڪير ڇڪي ڇڏيندو آهي. ان سان ٿيندو اهو آهي ته پنهنجو ڪيل وڏو گناهه به ننڍڙو ۽ بلڪل معمولي لڳڻ شروع ٿيندو آهي. توهان ڪنهن سرڪاري آفيس ۾ ويٺل ان ڪلارڪ يا ننڍي عملدار ڏانهن ڏسو، جيڪو ڪنهن غريب جي پينشن واري فائيل يا ڪنهن بنيادي ڪم لاءِ ٻه هزار رپيا وٺي رهيو هوندو. جڏهن سندس اندر مان ڪو هلڪو آواز اٿندو آهي، ته هو فوراً پنهنجي ميري قميص کي لاڳاپيل وزيرن ۽ وڏن عملدارن جي ڪاري ڪردار سان ڀيٽيندو آهي. سندس ذهن چوندو آهي: ”مان ڪو ملڪ ته ڪونه ٿو لٽيان! اِجهو فلاڻو حاڪم ته اربين رپيا هڙپ ڪري ويو، مون جيڪڏهن رڳو پنهنجي موٽرسائيڪل جي پيٽرول ۽ ٻارن جي کير لاءِ ٿوري رقم ورتي ته ڪهڙي قيامت اچي وئي؟ گهٽ ۾ گهٽ مان پئسا وٺي ماڻهوءَ جو ڪم ته رولي ڪونه ٿو ڇڏيان.“
ان تقابلي جادوگريءَ جي ڪري، هو پاڻ کي مجرم يا بدعنوان نٿو سمجهي، بلڪه هڪ اهڙو مسڪين سمجهي ٿو جيڪو هڪ ظالم نظام اندر زنده رهڻ جي جدوجهد ڪري رهيو آهي. هن پنهنجي ڏوهه جي شدت کي ڀيٽ جي کوري ۾ وجهي باهه ڏئي ڇڏي آهي. اسان جي اڪثريت پنهنجن سياسي، سماجي ۽ معاشي روين ۾ اهو ئي جادو استعمال ڪندي آهي.
ٽيون ۽ شايد سڀ کان وڌيڪ طاقتور هٿيار، جيڪو اسان پنهنجي ئي ضمير کي سمهارڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهيون، اهو آهي ”لفظن جي جادوگري“ يا اصطلاحي تبديلي (Euphemistic Language). اسان جو سماج لفظن جي چونڊ ذريعي حقيقت جو روپ ئي مٽائي ڇڏڻ ۾ ماهر آهي. جڏهن لفظ نرم، شريف ۽ مهذب بڻجي وڃن، ته انهن سان ڳنڍيل عمل جي وحشت به لڪي ويندي آهي. عالمي سياست ۾ ڏسو؛ طاقتور ملڪ ڪنهن ڪمزور ملڪ جي رهواسين تي بمباري ڪري سوين بيگناهه ٻارن ۽ عورتن جي مارجڻ کي ظالماڻو قتل ناهن چوندا، پر ان کي ”ڪوليٽرل ڊيميج“ (Collateral Damage) يعني اڻٽر جاني نقصان سڏيندا آهن. نوڪرين مان سوين ملازمن کي دربدر ڪرڻ کي بيروزگاريءَ جو طوفان نٿو سڏيو وڃي، پر کيس ڪارپوريٽ دنيا جي ٻوليءَ ۾ ”رائيٽ سائيزنگ“ (Right-Sizing) يا روزگار جي متبادل ترتيب چيو ويندو آهي.
اسين پنهنجي سنڌي سماج جي روزمرهه جي زندگيءَ ۾ به حقيقتن سان اهو ئي حشر ڪريون ٿا. اسان جي سماجي ۽ ثقافتي لغت اهڙن دوکيباز لفظن سان ڀري پئي آهي. سرڪاري ڪمن ۾ ڏيتي ليتيءَ کي اسين ٺڳي يا رشوت ناهيون چوندا، پر پيار سان ان کي ”چانهه پاڻي“، ”مٺائي“، يا ”دوستن جو خرچ“ سڏيندا آهيون. سياسي ڌوڪيبازيءَ کي ”بصيرت“، ماڻهن تي رعب ڄمائڻ کي ”روايت جي پاسداري“ ۽ منافعي خوريءَ کي ”ڪاروباري مهارت“ چيو ويندو آهي. لفظن جو هي خوبصورت لباس بدترين حقيقتن کي ايترو ته مهذب بڻائي ڇڏيندو آهي، جو انسان کي ڪنهن به برائيءَ تي شرم محسوس ٿيڻ ئي بند ٿي ويندو آهي.
هي سڄو منظرنامو اسان آڏو هڪ انتهائي ڏکوئيندڙ حقيقت پڌري ڪري ٿو. دنيا جي ڪنهن به سماج کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻاهرين شيطاني طاقت، راڪاس يا وڏن غدارن جي ضرورت ناهي هوندي. ان لاءِ صرف اهي عام، ذهين ۽ شريف ڏسجندڙ ماڻهو ئي ڪافي هوندا آهن، جيڪي پنهنجي ذهني رنگريز کان پنهنجي ڪارن عملن تي سفيد ۽ مقدس رنگ چاڙهائڻ جو هنر سکي وٺن ٿا. جڏهن ڪنهن قوم جو گڏيل ذهن پنهنجي ڏوهن کي مذهبي رنگ، فائدي واري ڀيٽ ۽ مٺڙن لفظن جي پوشاڪ پارائڻ لڳي، ته اتي ظالم کي پنهنجو پاڻ کان نفرت ٿيڻ بدران، پنهنجي وجود سان پيار ٿيڻ لڳندو آهي.
پر اهو نفسياتي مرض جيترو خطرناڪ آهي، ان جو علاج اوترو ئي اسان جي پنهنجي هٿ وس آهي. سڀ کان پهريون قدم، جيڪو اوهان هي سٽون پڙهندي کڻي چڪا آهيو، اهو آهي پنهنجي ذهن جي هن فريب کي سڃاڻڻ. شعور جي بيداري ئي اصل شفا جي شروعات آهي. پر فقط سڃاڻڻ ڪافي ناهي؛ اسان کي ان ذهني رنگريز جي هٿ مان اهو ڪوڙ جي رنگ وارو ديڳڙو کسڻو پوندو. اسان کي پنهنجي ڪردار جي ميري ڪپڙي کي ڪوڙي رنگ ۾ ٻوڙي لڪائڻ بدران، ان کي سچائيءَ ۽ پڇتاءَ جي پاڻيءَ سان ڌوئڻ جي تڪليف سهڻي پوندي. داغ ڌوئڻ جو عمل تڪليف ڏيندڙ ضرور هوندو آهي، پر اهو ئي اسان کي نج ۽ اڇو ڪري ٿو.
علاج جو ٻيو ۽ سڀ کان ڏکيو مرحلو اهو آهي ته شين ۽ عملن کي سندن اصل نالن سان سڏڻ جي همٿ پيدا ڪجي. جڏهن اوهان جو ذهن ڪنهن غريب جو حق مارڻ وقت چوي ته ”هي ڪاروباري مجبوري آهي“، ته ساڳئي وقت پنهنجي اکين ۾ اکيون وجهي پاڻ کي چئو ته ”نه، هي خالص ظلم ۽ بي ايماني آهي.“ جڏهن ڪنهن سرڪاري ڪم لاءِ ڪجهه پئسا ڏيڻا پون ته ان کي ”چانهه پاڻي“ چوڻ بدران کليل لفظن ۾ ”رشوت ۽ چوري“ سڏيو. جڏهن سماجي دٻاءُ هيٺ ڪنهن غلط رواج جو حصو بڻجو، ته ان کي ”روايت جي پاسداري“ چوڻ بدران پاڻ کي چئو ته ”مان بزدل آهيان جو انڪار نٿو ڪري سگهان.“ اهو سچ ڳالهائڻ اوهان کي ٿوري دير لاءِ تڪليف ضرور ڏيندو، اوهان جي انا کي زخمي ڪندو، پر اهو ئي اهو لمحو هوندو جڏهن اوهان جو سُتل اخلاقي راڊار ٻيهر متحرڪ ٿي ويندو.
اهو پڇتاءُ ۽ اها بيچيني، جنهن کان بچڻ لاءِ اسين جواز گهڙيندا هئاسين، اصل ۾ اسان جي روح جي غذا آهي. اها بيچيني ان ڳالهه جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي ته اسان جي اندر جو انسان اڃا مئو ناهي. پنهنجي غلطيءَ کي غلطي مڃڻ جو حوصلو، حقيقت ۾ هڪ تمام وڏي باطني فتح آهي.
اسان کي پنهنجي سماج جي وڃايل سونهن ۽ اخلاقي تقدس ڪنهن ٻاهرين تبليغ سان نه ملندو، اهو تڏهن ئي واپس ملندو جڏهن اسين پنهنجي هٿ سان بند ڪيل ان ”اخلاقي راڊار“ کي ٻيهر آن ڪنداسين. پاڻ کان بي خوف ٿي هڪ سوال ضرور پڇو: ڇا اڄ مان شين کي سندن اصل نالي سان سڏڻ جي همٿ ڪري سگهان ٿو، يا اڄ به پنهنجي ئي ضمير کي دوکو ڏيڻ لاءِ ڪنهن نئين رنگ جي تلاش ۾ آهيان؟
مير عطا محمد ٽالپور
ملاڪا، ملائيشيا


