زهر بڻيل ڳاڙهو سون: سنڌ جي مرچن جو الميو
دنيا جي بهترين مرچن ۾ پيدا ٿيندڙ ايفيلاٽاڪسن فقط هاريءَ جو نقصان ناهي، پر اهو اسان جي صحت، معيشت ۽ عالمي سڃاڻپ لاءِ هڪ خاموش خطرو آهي.
ڪنري جي مرچ منڊيءَ مان گذرندي، هوا ۾ موجود تيز خوشبوءِ اکين ۾ پاڻي آڻي ڇڏيندي آهي. هي ايشيا جو سڀ کان وڏي مرچن جي بازار آهي، جتي ڳاڙهي رنگ جا ڍير سنڌ جي زرخيزي ۽ انساني پورهيي جو جيئرو جاڳندڙ ثبوت آهن. پر انهن دلڪش ڍيرن جي اندر هڪ اهڙو پوشيده قاتل پلجي رهيو ھوندو آهي، جيڪو نه رڳو مقامي هارين جي محنت کي خاڪ ڪري رهيو آهي، پر اسان جي روزمره جي کاڌن ذريعي اسان جي رت ۾ پڻ شامل ٿي رهيو آهي. اهو قاتل ايفيلاٽاڪسن (Aflatoxin) آهي، جنهن سنڌ جي هن مقامي سڃاڻپ کي عالمي مارڪيٽن ۾ هڪ ناپسنديده شئي بڻائي ڇڏيو آهي.
مٽيءَ مان اڀرندڙ خاموش زهر
ايفيلاٽاڪسن بي 1 (Aflatoxin B1) ڪو ڪيميائي اسپري ناهي، پر اهو فطرت جو پنهنجو پيدا ڪيل انتهائي خطرناڪ زهر آهي، جيڪو مٽيءَ ۾ ملندڙ هڪ مخصوص فنگس (Aspergillus flavus) مان جنم وٺي ٿو. ڏکڻ سنڌ جي مخصوص آبهوا دنيا جي بهترين مرچن جي پيداوار لاءِ مشهور آهي، پر هتي ئي هي زهر سڀ کان وڌيڪ ڦهلجي ٿو. ان جو سبب فصل پاڻ ناهي، پر ان سان ڪيو ويندڙ ورتاءُ آهي. جڏهن هاري مرچن کي لاهڻ (چونڊائي) کانپوءِ سڌو سنئون کليل زمين تي سڪائڻ لاءِ اڇلين ٿا، ته ڏينهن جي وقت اهي ٿر کان ايندڙ مٽي ۽ گرمي جذب ڪن ٿا، ۽ رات جو هوا ۾ موجود گھِم انهن ۾ داخل ٿي وڃي ٿي. ان کانپوءِ جڏهن انهن آلين مرچن کي هوا بند پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀري، منڊيءَ ڏانهن روانو ڪيو وڃي ٿو، ته مرچن مان نڪرندڙ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ قيد ٿيل نمي ملي ڪري هن فنگس لاءِ هڪ مثالي آکيرو جوڙي وٺن ٿا، جتي هي زهر انتهائي تيزيءَ سان وڌڻ لڳي ٿو.
نئين ٻج جو ڌوڪو ۽ ديسي سڃاڻپ جو زوال
ڇا هي مسئلو رڳو ڪنري جي مشهور ديسي ’لُونگي‘ يا ’ڏانڊي ڪٽ‘ مرچ سان آهي؟ حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ آهي. هارين وڌيڪ منافعي جي لالچ ۾ پنهنجو مقامي ٻج ڇڏي ٿائيلينڊ ۽ ڪوريا مان آيل ’صنم‘ جهڙا هائبرڊ ٻج پوکڻ شروع ڪيا آهن، جيڪي اٺوڻ تي وڌيڪ پيداوار ڏين ٿا. پر اهي ڌاريا ٻج سنڌ جي مخصوص موسم، گرمي ۽ برساتن جا عادي ناهن. انهن جي جينيات ۾ سنڌ جي مٽيءَ جو شعور ئي موجود ناهي. غير موسمي برساتن ۾ جڏهن کيتن ۾ پاڻي بيهي ٿو، ته اهي ٻوٽا نمي جذب ڪري بيمارين، خاص ڪري ’اڇي مک‘ جو شڪار ٿي وڃن ٿا. تحقيقي انگ اکر ٻڌائين ٿا ته 67 سيڪڙو هائبرڊ مرچن ۾ لاهي کان اڳ ئي ايفيلاٽاڪسن موجود هوندو آهي. حد ته اها آهي ته هڪ هائبرڊ قسم ۾ هي زهر 600 مائيڪرو گرام في ڪلوگرام تائين رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو يورپي معيار کان 120 ڀيرا وڌيڪ آهي. ڌاريي ٻج، مقامي مٽيءَ جي مزاج کي نه سمجهڻ ڪري هاريءَ کي فائدو ڏيڻ بدران وڌيڪ خطري طرف ڌڪيو آهي.
پيداواري سگهه ۽ عالمي مارڪيٽ جا بند دروازا
پاڪستان دنيا ۾ مرچ پيدا ڪندڙ پنجن وڏن ملڪن مان هڪ آهي، جيڪو ساليانو لڳ ڀڳ 90 هزار ميٽرڪ ٽن پيداوار ڏئي ٿو. هي مقدار اسان جي ملڪي گهرجن کان ڪيترو ئي وڌيڪ آهي. پر ايتري وڏي پيداوار ۽ سگهه هجڻ جي باوجود، دنيا ڏانهن مرچن جي برآمد (ايڪسپورٽ) ۾ اسان جو نمبر 31 هون آهي. يورپي يونين کاڌي جي شين ۾ ايفيلاٽاڪسن جي حد 5 مائيڪرو گرام مقرر ڪئي آهي، پر پاڪستاني مرچن ۾ اها سطح 80 کان 90 مائيڪرو گرام تائين نڪري ٿي. نتيجي ۾ يورپ ۽ عرب ملڪن جا خريدار اسان جا جهاز واپس موٽائي ڇڏين ٿا يا محفوظ پيداوار لاءِ ڀارت ۽ ميڪسيڪو ڏانهن رخ ڪن ٿا. اسان وٽ بهترين آبهوا، وسيع مارڪيٽ ۽ صدين جا تجربا موجود آهن، پر فصل کي سانڍڻ جي پراڻن طريقن ۽ عالمي معيارن کان اڻڄاڻائيءَ سبب اسان پنهنجا ئي رستا بند ڪري ڇڏيا آهن.
رڌڻن تائين پهچندڙ بيماريون
ايفيلاٽاڪسن رڳو معيشت جو مامرو ناهي، هي اسان جي قومي صحت جو هڪ انتهائي سنگين مسئلو آهي. صحت جي عالمي ادارن هن زهر کي پهرين درجي (Group 1) جو ڪينسر پيدا ڪندڙ مادو قرار ڏنو آهي. اسان جي روزمره جي کاڌن ۾ هن زهر جي لڳاتار موجودگي خاموشيءَ سان اسان جي جسمن کي کائي رهي آهي. جي ٿوري وقت ۾ هن جو گهڻو مقدار واپرائجي وڃي، ته اهو جگر جي تيزي سان تباهي ۽ يرقان جو سبب بڻجي، موت جي منهن ۾ ڌڪي سگهي ٿو. ٻئي طرف، ڊگهي مدي تائين هن جو استعمال جگر جي ڪينسر، ٻارن جي جسماني واڌويجهه ۾ رڪاوٽ، غذائي کوٽ ۽ انساني جسم جي بيمارين سان وڙهڻ واري مدافعتي نظام کي ڳاري ڇڏي ٿو. پليٽ ۾ پيل کاڌي جو تيز رنگ ۽ ذائقو، جيستائين محفوظ ناهي، تيستائين هڪ مٺو زهر آهي.
ادارتي بي حسي ۽ بچاءَ جا عملي قدم
هن سموري صورتحال ۾ صرف ھاري کي ڏوهي قرار ڏيڻ وڏي ناانصافي ٿيندي. هاري اڄ به انهن پراڻن طريقن تي ان ڪري عمل پيرا آهي ڇو ته هن وٽ نه ته نئين ٽيڪنالاجي جي پهچ آهي، ۽ نه ئي حڪومتي ادارن طرفان کيس ڪا عملي واهر فراهم ڪئي وئي آهي. زرعي توسيع (Agriculture Extension) جا ادارا ۽ ريسرچ سينٽر هاريءَ تائين گهربل ڄاڻ ۽ سستا حل پهچائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. جڏهن رياست پنهنجو ڪردار ادا نه ڪندي، ته عالمي مارڪيٽن ۾ اسان جو پورهيو ائين ئي رد ٿيندو رهندو.
هن بحران مان نڪرڻ لاءِ فصل جي لاهي کانپوءِ وارن مرحلن ۾ معمولي پر اثرائتي تبديلين جي ضرورت آهي:
زمين کان مٿي سڪائڻ: مرچن کي سڌو سنئون مٽيءَ تي اڇلائڻ بدران مٿاهين پليٽ فارمن تي سڪائڻ گهرجي. هن سان نمي ۽ مٽي کان بچاءُ ٿيندو ۽ زهريلي گئس آساني سان خارج ٿي سگهندي.
سولر ٽنل ڊرائير جو استعمال: کليل هوا ۾ مرچ سڪائڻ ۾ ٻه هفتا لڳن ٿا، جڏهن ته سولر ٽنل (شمسي توانائي سان هلندڙ خيما) ۾ اهو ڪم 5 ڏينهن ۾ ٿي وڃي ٿو. ان ۾ گرمي پد ڪنٽرول هيٺ هوندو آهي، مٽي نٿي لڳي ۽ فنگس جي پيدائش رڪجي وڃي ٿي.
هوا دار پيڪنگ: پلاسٽڪ جي بند ٻورين بدران سُٽ (Jute) يا ڄاريءَ وارين ٻورين جو استعمال لازمي ڪيو وڃي، ته جيئن پيداوار کي گهربل آڪسيجن ملندي رهي.
ديسي ٻج جي واپسي: مقامي آبهوا سان ٺهڪندڙ ’لُونگي‘ يا ’ڏانڊي ڪٽ‘ ٻج تي ٻيهر ڌيان ڏنو وڃي. هي ٻوٽا سنڌ جي گرمي ۽ برساتن جو مقابلو ڪرڻ جي قدرتي صلاحيت رکن ٿا ۽ ڊگهي مدي ۾ وڌيڪ محفوظ پيداوار ڏين ٿا.
سنڌ جي مٽي اڄ به دنيا جو بهترين فصل اُپائڻ جي سگهه رکي ٿي، پر اسان پنهنجي ئي پيداوار سان جيڪو سلوڪ ڪري رهيا آهيون، اهو هارين جي کيسي سان گڏ قوم جي نسلن کي به کائي رهيو آهي. ڇا اسان پنهنجي زمين جي پيداوار کي جيئردان ڏيڻ لاءِ پراڻين غلطين جي زنجيرن کي ٽوڙڻ لاءِ تيار آهيون، يا صرف منافعي جي انڌي ڊوڙ ۾ پنهنجي ئي رڌڻن ۾ زهر ملائيندا رهنداسين؟


