واپار جي جاميٽري — سنڌو درياءَ ۽ سون جا رستا
سنڌو درياءَ جي ڪنارن تي آباد سنڌي سماج لاءِ درياءَ رڳو پاڻيءَ جو وسيلو يا زراعت جي ضرورت ناهي رهيو، پر اسان جي لوڪ گيتن ۽ تاريخي قصن ۾ اهو ’سونُ وهائيندڙ‘ درياءَ طور مشهور آهي. پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جنهن خطي وٽ هڪ عظيم درياءَ ۽ کليل سڌا ميدان موجود هجن، سو اڄوڪي دور جي عالمي واپار ۾ پنهنجو اهو قديم مقام ڇو وڃائي ويٺو آهي؟ اسان اڪثر ان جو جواب سياس…



