Kachahree - ڪچهري

Kachahree - ڪچهري

پاڙون ۽ پچار: سنڌ ۽ سماج

ريفرينڊم يا وفاق جو زوال؟ آئيني تجربن جي سياست

پارلياماني وفاق ۾ ريفرينڊم آئين جي نفي آهي؛ پاڪستان کي نون تجربن نه پر حقيقي جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ صوبائي خودمختياريءَ جي ضرورت آهي

Mir Atta Muhammad Talpur's avatar
Mir Atta Muhammad Talpur
Nov 24, 2026

جڏهن ڪو هوائي جهاز فضا ۾ بلند ٿئي ٿو، ته ان جي سلامت اڏام جو دارومدار طئي ٿيل اصولن، ضابطن ۽ فني هدايتن جي سخت پابنديءَ تي هوندو آهي. اتي نون تجربن جي ڪا گنجائش ناهي هوندي؛ ذري برابر به بي اصولي جهاز کي هيٺانهين طرف ڌڪي تباهيءَ تائين پهچائي ڇڏيندي آهي. رياستن جي بقا جو اصول به ان کان مختلف ناهي. جڏهن آئيني ضابطن کي پاسي تي رکي، بند ڪمرن ۾ رياستي ڍانچي کي ”ري سيٽ“ ڪرڻ جا منصوبا ٺاهيا وڃن، ته اهو عمل استحڪام نه پر تاريخي بحرانن کي جنم ڏيندو آهي.

Share

گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ملڪ ۾ هڪ تجويز پٺئين دروازي کان گردش ۾ آندي وئي آهي ته پاڪستان جي نظام کي نئين سر ترتيب ڏني وڃي، ۽ ان جي شروعات صوبن جي ورهاڱي سان ڪئي وڃي. غور طلب ڳالهه اها آهي ته اها تجويز نه ته اقتدار ۾ موجود پارٽين جي آئيني پليٽ فارم تان آئي آهي، ۽ نه ئي ڪنهن پارليامينٽ يا صوبائي اسيمبليءَ ۾ بحث هيٺ آئي آهي. ايڪيهين صديءَ ۾ آئين، تاريخ ۽ جمهوري روايتن کان ٻاهر فيصلا زبردستي مڙهڻ جي سوچ پاڻ هڪ وڏو تضاد آهي. عملي حقيقتون ڪهڙيون به هجن، پاڪستان هڪ آئيني رياست ۽ وفاق آهي، جيڪو پنهنجن وحدتن يعني صوبن، انهن جي چونڊيل اسيمبلين ۽ آئيني اختيارن جي گڏيل عهدنامي سان جڙيل آهي.

Subscribe for free to continue reading

Enter your email and get every post from Kachahree - ڪچهري.
Already have an account? Sign in
© 2026 Mir Atta Muhammad Talpur · Privacy ∙ Terms ∙ Collection notice
Start your SubstackGet the app
Substack is the home for writing, podcasting, and media founders.