پراڻن البمن مان نڪتل 1950ع واري ڏهاڪي جي ڪراچي جي هڪ تصوير جڏهن اکين جي آڏو اچي ٿي، ته ذهن ۾ انساني شعور جو هڪ نئون سڳو اڻجي ٿو. ان تصوير ۾ هڪ اٺ گاڏي وڏي اطمينان ۽ روانيءَ سان چوڪ پار ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ ته سندس پاسي جو اشارو سائو آهي، جڏهن ته اسان جي سامهون وارو ٽريفڪ سگنل ڳاڙهو آهي ۽ ٻئي پاسي جي ٽريفڪ ان جي احترام ۾ خاموش بيٺل آهي. بنارس سلڪ هائوس ۽ آسفيه فائونٽين پين ڪارنر جي موڙ تان گذرندڙ هيءَ اٺ گاڏي رڳو هڪ سواري ناهي، پر ان دور جي سماجي هم آهنگي، شهري سياڻپ ۽ قانون جي پاسداري جو هڪ خوبصورت عڪس آهي، جتي روايت ۽ جدت هڪ ٻئي سان ٽڪرائجڻ بدران هڪ عظيم آهنگ سان گڏ هلي رهيون هيون. اهو ڪو خواب نه، پر ان شهر جي حقيقت هئي جنهن کي اڄ اسان بي ترتيبيءَ جو گهر سڏيون ٿا. اسان رڳو هڪ شهر کي ٽٽندي ناهي ڏٺو، پر هڪ گڏيل انساني نفسيات کي وکري ويندي ڏٺو آهي. ورهاڱي کان پوءِ به ڪجهه سالن تائين هيءَ عظيم ڪراچي پنهنجي پوري جوش سان چمڪندي رهي. 1960ع واري ڏهاڪي ۾، جڏهن مان ننڍو هوندو هوس، تڏهن به ڪراچي اڄ جي ڀيٽ ۾ ڪيتري ئي بهتر، صاف ۽ پرامن هئي. تارن تي ٽنگيل اسٽريٽ لائيٽون بنا ڪنهن لوڊشيڊنگ جي سڄي رات روشن رهنديون هيون. پوءِ آهستي آهستي، شهر جي مٿان افراتفريءَ جي هڪ اهڙي ڌُنڌ ڇانئجي وئي، جنهن هر چڱي شيءِ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. ڪراچي رڳو هڪ جاگرافيائي علائقو ناهي، پر هڪ گڏيل نفسيات جو نالو آهي، جيڪا هاڻي تبديل ٿي چڪي آهي.



