اسان جي ٿالهين ۾ لڪيل زهر: سنڌ لاءِ هڪ سجاڳي
جنهن سبزي کي اسان صحت سمجهي کائون ٿا، اها ڪيئن اسان جي نسلن کي خاموشي سان کائي رهي آهي؟
بازار مان سڀ کان وڌيڪ ڳاڙهو ٽماٽو ۽ چمڪندڙ ڀينڊي خريد ڪندي، هڪ ماءُ جي دل ۾ رڳو پنهنجي ٻارن جي صحت ۽ خوشي هوندي آهي. چلهي تي پچندڙ ان ٻوڙ جي خوشبوءِ گهر جي ڀتين کي مهڪائي ڇڏيندي آهي، پر ان ديڳڙي جي تري ۾ هڪ اهڙو اڻڏٺل مهمان به رڌجي رهيو هوندو آهي، جنهن کي اسان پنهنجن هٿن سان پنهنجي رت ۾ شامل ڪري رهيا آهيون. زراعت جيڪا ڪڏهن زندگي ڏيڻ جو وسيلو هئي، اها هاڻي خاموش قاتل جو روپ ڌاري چڪي آهي.
پنجاب ۽ سنڌ جي ليبارٽرين مان آيل انگ اکر اسان جي ان وهم کي ٽوڙي ڇڏين ٿا ته اسان جي پليٽ ۾ پيل کاڌو محفوظ آهي. ترقي يافته ملڪن ۾ جتي صرف 5 سيڪڙو کان گهٽ ڀاڄين ۾ ڪيميائي جزا ملن ٿا، اتي اسان جي منڊين ۾ وڪامندڙ 30 کان 70 سيڪڙو ڀاڄيون ۽ ميوا، جن ۾ ڀينڊي، ٽماٽا، گوبي، انب، گدرو ۽ مرچ شامل آهن، خطرناڪ حد کان وڌيڪ زهر سان ڀريل آهن. ڏک جي ڳالهه اها آهي ته ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڪيل هڪ تازي تحقيق ٻڌائي ٿي ته 96 سيڪڙو ماڻهن جي رت ۾ ان زهر جا جزا موجود آهن. اسان جي جسم جون رڳون هاڻي ان زهر جا گودام بڻجي چڪيون آهن، ڇو ته هي زهر صرف ڀاڄيءَ جي کل تي نٿو رهي، پر ان جي ڳر تائين جذب ٿي وڃي ٿو.
منافعي جي منڊي ۽ ٻٽو معيار
ٻاهرين دنيا ۾ انساني جان جي قيمت آهي. يورپ يا آمريڪا ڏانهن جڏهن اسان جي زرعي پيداوار وڃي ٿي، ته ان ۾ زهر جي معمولي مقدار هجڻ تي به سڄو مال واپس ڪيو وڃي ٿو يا مڪمل پابندي هنئي وڃي ٿي. پر اسان وٽ سرڪاري ادارن جي بي حسي ۽ ڪرپشن سبب اها ئي زهر آلود پيداوار بغير ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اسان جي منڊين ۾ وڪامجي رهي آهي. سادا ۽ معصوم ماڻهو اهو ئي زهر خريد ڪري پنهنجي دسترخوان جي زينت بڻائين ٿا.
انساني جسم جا شارٽ سرڪٽ ۽ ضدي داغ
جيڪي ڪيميائي دوائون (پيسٽيسائيڊس) اسان جي هارين جي هٿن ۾ ڏنيون ويون آهن، اهي ڪي عام دوائون ناهن. انهن جو سڌو واسطو انساني بقا کي ختم ڪرڻ سان آهي.
جيڪڏهن اسان ‘آرگينوفاسفيٽس’ (Organophosphates) جهڙين دوائن جي ڳالهه ڪريون، جن ۾ ڪلوروپائريفوس شامل آهي، ته هي اصل ۾ ٻي عالمي جنگ دوران انسانن کي مارڻ لاءِ ٺاهيل گئس جو هڪ روپ آهن. جڏهن هاري انهن کي پنهنجي فصل تي اسپري ڪري ٿو، يا ڪو ماڻهو اهو زهر آلود کاڌو کائي ٿو، ته هي زهر جسم جي ‘اليڪٽرڪ وائرنگ’ (تنتي نظام) کي شارٽ سرڪٽ ڪري ڇڏيندو آهي. هاري جنهن کي گرميءَ جو اثر سمجهي الٽيون، چڪر، پيٽ ۾ سور ۽ پگهر ۾ وهنجي ٿو، اهو اصل ۾ هن زهر جو سڌو حملو هوندو آهي. وقت سان گڏ، هي زهر هٿن ۾ ڏڪڻي، ياداشت جي ڪمزوري، شديد ذهني دٻاءُ ۽ دماغ جي مستقل تباهي جو سبب بڻجي ٿو.
ٻئي طرف ‘آرگينوڪلورينس’ (Organochlorines) جهڙا زهر (مثال طور ڊي ڊي ٽي) هڪ اهڙي ککڙي مس وانگر آهن، جيڪا ڪپڙي تي لڳي وڃي ته ڪڏهن ناهي لهندي. عالمي اداري ڊبليو ايڇ او (WHO) پاران پابندي هجڻ جي باوجود سنڌ ۾ ان جو استعمال جاري آهي. هي زهر انساني جسم جي چرٻي ۾ گڏ ٿيندو رهي ٿو. هڪ ‘زهر جي بئنڪ اڪائونٽ’ وانگر هر روز ان ۾ اضافو ٿئي ٿو، ايتري قدر جو هڪ ماءُ جي ٿڃ مان ٿيندو هي زهر سندس نئين ڄاول ٻار جي جسم ۾ داخل ٿئي ٿو. هي زهر جسم جي قدرتي نظام (هارمونز) کي پريشان ڪري ڇڏي ٿو، جنهن سبب اڄڪلهه اسان جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ٻار نه ٿيڻ، حمل ڪرڻ جا مسئلا ۽ ڪينسر جهڙيون موذي بيماريون عام ٿي ويون آهن.
المئي جو شڪار هاري
هاري ڪو اسان جو دشمن ناهي؛ هو پاڻ هڪ بدترين نظام جو پهريون شڪار آهي. زراعت کاتي جي زرعي ماهرن (ايڪسٽينشن ورڪرز) جي عدم موجودگيءَ ڪري، غريب هاري مڪمل طور تي جيت مار دوائون وڪڻندڙ ڊيلر جي رحم و ڪرم تي آهي. ڊيلر پنهنجي منافعي لاءِ مختلف زهرن جا ‘ڪاڪٽيل’ ٺاهي ڏئي ٿو. اڌ کان وڌيڪ هاري بغير ڪنهن حفاظتي لباس، ماسڪ يا دستانن جي اهي زهر هٿن سان ملائين ٿا، ۽ اسپري ڪرڻ جي 24 ڪلاڪن اندر ئي فصل ۾ واپس وڃي پنهنجي چمڙي ۽ ساهه ذريعي موت ساهين ٿا.
سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته اسپري ڪرڻ کانپوءِ جيڪو 7 کان 10 ڏينهن جو ‘وقفو’ هجڻ گهرجي، اهو مارڪيٽ جي لالچ ۾ ختم ٿي چڪو آهي. هاري اڄ زهر هڻي ٿو، ۽ 1 کان 2 ڏينهن اندر پيداوار پٽي منڊي ۾ پهچائي ٿو. ان ڪري سج ۽ هوا کي اهو وقت ئي نٿو ملي ته اهي زهر جي شدت کي ٽوڙي سگهن. ان سان گڏوگڏ، خالي بوتلون واهن ۽ واٽر ڪورسز ۾ ڌوئي، پيئڻ جي پاڻي ۽ ماحولياتي توازن کي تباهه ڪيو پيو وڃي، جنهن سان ماکيءَ جي مکين ۽ دوست جيتن جو موت واقع ٿئي ٿو.
رڌڻي جو محاذ: اسان جو پنهنجو بچاءُ
جڏهن رياست پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي، ته پوءِ بچاءُ جي جنگ پنهنجي ئي رڌڻي مان وڙهڻي پوندي آهي. پاڻي سان سادو ڌوئڻ صرف 15-20 سيڪڙو زهر هٽائي ٿو. جيتوڻيڪ جيڪو زهر ڀاڄيءَ جي اندر رچي چڪو آهي ان کي سئو سيڪڙو ختم نٿو ڪري سگهجي، پر کل تي موجود زهر کي ‘مٺي سوڍا’ (Baking Soda) جي طريقي سان گهڻي حد تائين بي اثر ڪري سگهجي ٿو:
* **پهريون قدم:** ڀاڄين کي بنا ڪٽڻ جي سادي پاڻيءَ سان ڌوئو. ڪڏهن به ڀاڄي ڪٽي نه ڌوئو، نه ته ڇريءَ ذريعي زهر ڀاڄيءَ جي اندر هليو ويندو.
پندرهن منٽن جو وقفو: هڪ ٿانءَ ۾ پاڻي وجهي ان ۾ 1 کان 2 چمچا مٺي سوڍا جا وجهو ۽ ڀاڄين کي 12 کان 15 منٽن تائين ڀڄائي رکو. هي سوڍا زهر جي ڪيميائي بانڊ کي ٽوڙي ڇڏيندو آهي. (جيڪڏهن سوڍا نه هجي ته 2 چمچا لوڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو).
کل جي صفائي: ٿلهي کل وارين ڀاڄين ۽ ميون (جيئن گدرو، میھو، کيرو، پٽاٽا) کي چڱي طرح مهٽي صاف ڪريو، انهن جي کل لاهڻ بهترين عمل آهي. گل گوبي يا بند گوبی جهڙين ڀاڄين جا مٿيان 2 کان 3 پن لاهي اڇلائي ڇڏيو ڇو ته انهن تي زهر جو سڌو حملو ٿيل هوندو آهي.
آخري ڌوئڻ ۽ اُٻارڻ: آخر ۾ ٻيهر صاف پاڻيءَ سان ڌوئي پوءِ پچايو. پالڪ، گوبي يا ڀينڊي جهڙين ڀاڄين کي پچائڻ کان اڳ 1 کان 2 منٽن لاءِ گرم پاڻيءَ ۾ اُٻارڻ (Blanching) پڻ رهيل زهر کي ماري ڇڏي ٿو.
بقا جي واٽ
هن تباهيءَ کي روڪڻ لاءِ حڪومت کي گهرجي ته ڊيلر مافيا جو ڪنٽرول ختم ڪري ۽ وڏين منڊين ۾ ٽيسٽنگ جا مرحلا ‘Toxin Checkpoints’ جي صورت ۾ لازمي ڪري، جيئن زهر آلود فصل منڊي ۾ ئي رد ڪيو وڃي. خطرناڪ ترين زهرن (Class-I) جي اسمگلنگ تي سختي سان پابندي لڳائي وڃي. هارين کي به گهرجي ته پنهنجي ۽ ٻين جي جان بچائڻ لاءِ فصل لاهڻ ۾ وقفو ڪن ۽ ڪيميائي زهرن کان اڳ ‘نِم’ جي تيل ۽ قدرتي پيلي چٽڪي وارن طريقن (Yellow sticky traps) جو استعمال ڪن.
اسان جو هر پئسو جيڪو اسان خرچ ڪريون ٿا، اهو اسان جي هٿن ۾ هڪ ووٽ جي حيثيت رکي ٿو. جڏهن اسان ريڙهي واري کان ان ڀاڄيءَ جي شروعات بابت پڇنداسين، ۽ شڪل جي بدران ديسي ۽ قدرتي طريقي سان اپايل ڀاڄين کي ترجيح ڏينداسين، ته مارڪيٽ جو رخ پاڻمرادو تبديل ٿي ويندو. پر هتي سوال اهو ناهي ته ڇا اسان پنهنجي دسترخوان تان اهو زهر هٽائي سگهنداسين يا نه؟ حقيقي سوال اهو آهي ته ڇا اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جي رڳن ۾ وهندڙ ان اڻڏٺي قاتل کي ڏسي به پنهنجي خاموشي برقرار رکنداسين، يا پنهنجي ئي زندگيءَ جو سودو پنهنجي پئسن سان ڪرڻ کان انڪار ڪنداسين؟
میر عطا محمد ٽالپور
ملاڪا، ملائيشيا


