ذهن جو ڌنڌلو شيشو: ظالم، مظلوم کي ئي ڏوهي ڪيئن ٿو ثابت ڪري؟
ڪارو ڪاريءَ کان غزا تائين: اسان جو ذهن ظلم کي لڪائڻ ۽ مظلوم کي ئي ڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪهڙو نفسياتي فريب ڪم آڻي ٿو.
تصور ڪريو ته اوهان هڪ آرامده، ٿلهي ۽ آواز روڪ (Soundproof) شيشي سان ٺهيل ڪمري جي اندر ويٺا آهيو. ان شيشي جي خاصيت اها آهي ته اهو اندران ٻاهر ڏسڻ لاءِ انتهائي ڌنڌلو ۽ رنگين آهي. شيشي جي ٻئي پار هڪ انسان سخت تڪليف ۾ تڙپي رهيو آهي، سندس جسم مان رت وهي رهيو آهي ۽ هو مدد لاءِ دانهون ڪري رهيو آهي. پر ڇاڪاڻ ته اوهان تائين ان جي رڙين جو ڪو به آواز نٿو پهچي، ۽ ان ڌنڌلي شيشي جي ڪري سندس چهرو اوهان کي بگڙيل ۽ خوفناڪ نظر اچي ٿو، ان ڪري اوهان جي دل ۾ ڪو به رحم پيدا نٿو ٿئي. اوهان پنهنجي پاڻ کي وڏي اطمينان سان چئو ٿا: ”هيءُ ڪو ڏک ۾ ڪونهي، هي رڳو ڊرامو پيو ڪري. ۽ ٿورو غور سان ڏسجي ته هي انسان گهٽ ۽ ڪو وحشي جانور وڌيڪ ٿو لڳي.“ اها ڳالهه سوچي اوهان آرام سان پنهنجي گرم چانهه پيئڻ لڳو ٿا ۽ ان تڙپندڙ وجود ڏانهن پٺي ڪري ڇڏيو ٿا.
اهو ٿلهو ۽ ڌنڌلو شيشو ٻيو ڪجهه به ناهي، پر اسان جي پنهنجي ئي ذهن جي ٺاهيل اها نفسياتي ديوار آهي، جيڪا اسان کي ٻين تي ظلم ڪرڻ کانپوءِ به بي حس ۽ پرسڪون رکي ٿي.



