اڄوڪي عالمي منظرنامي تي نظر وجهجي ته ايران، امريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ رڳو جاگرافيائي مفادن، ميزائلن جي انگ يا تيل جي منڊين تي قبضي جو معاملو نظر نٿي اچي. جيڪڏهن هن سڄي صورتحال کي نفسياتي گهرائيءَ سان پرکجي، ته هي هڪ انتهائي خطرناڪ “اجتماعي اَنا” جي جنگ آهي.
نفسيات جا مشهور ماهر جين ايم ٽوئينگي ۽ ڪيٿ ڪيمپبل پنهنجي معرڪة الآراء ڪتاب “The Narcis…



