ڪچهري - Kachahree
هڪ اهڙي فڪري ويهڪ، جتي عالمي وهڪرا ۽ مقامي پاڙون پاڻ ۾ ملن ٿا.
”ڪچهري“ رڳو هڪ لفظ ناهي، پر اسان جي ثقافت ۾ خيالن، علم ۽ شعور جي ڏي وٺ جو هڪ زندهه استعارو آهي. منهنجي هن نيوزليٽر جو مقصد به ساڳيو ئي آهي—هڪ اهڙي فڪري ويهڪ قائم ڪرڻ، جتي مختلف موضوعن تي کليل ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي.
هن ڪچهريءَ ۾ توهان کي ڇا ملندو؟
ڪتابن جا تجزيا: اهم ڪتابن تي تنقيدي ۽ تفصيلي ويچار.
تاريخي منظرنامو: ماضيءَ جي ورقن مان اڄ جي دور لاءِ سبق ۽ تجزيا.
نوان خيال ۽ فڪر: سماجي ۽ علمي موضوعن تي نوان زاويا.
مختصر نوٽس: دلچسپ ۽ ڄاڻ ڏيندڙ موضوعن تي کري ۽ سڌي ڳالهه.
ذاتي راءِ: مختلف اهم معاملن تي منهنجو پنهنجو نقطئه نظر.
اسان جو مقصد: توڙي جو هن پليٽفارم جو ڪينواس تمام وسيع آهي ۽ هتي هر ان موضوع تي ڳالهه ٿيندي جيڪا شعور کي جاڳائي، پر ان جو خاص محور سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو آهن. هيءَ ڪچهري ان لاءِ سجايل آهي ته جيئن اسان پنهنجي ماڻهن جي فڪري آبياري ڪري سگهون ۽ انهن جي ذهني ۽ سماجي ترقيءَ لاءِ لاڀائتا خيال پيش ڪري سگهون.
اچو ته هن علمي ڪچهريءَ جو حصو بڻجون. پڙهون، سوچيون ۽ اڳتي وڌون!

